اسلام آباد (م ڊ) صحافي ڊاڪٽر دانش چيو آهي ته پارليامينٽ عدالتي سڌارن جي ترميم ڪرڻ واري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ (ايڪس پوسٽ) ۾ هن چيو ته هن آئيني پيڪيج ۾ ڪيتريون ئي آئيني ترميمون هوندو جن مان هڪ ترميم آئيني عدالت جي آهي جيڪا 2006 جي ميثاق جمهوريت جو حصو آهي. هن نئين آئيني عدالت جو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هوندو ۽ وڌيڪ 4 جج مقرر هوندا. هن عدالت ۾ ملڪ جا اهم آئيني ڪيس ٻڌا ويندا. ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس جسٽس منصور هوندو ۽ سپريم ڪورٽ 21 ججن تي ٻڌل هوندي جتي 58 هزار پاڪستاني عوام جا ڪيس ٻڌا ويندا.