ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي وقتي صدر ساجد ترين ايڊووڪيٽ چيو آهي ته حڪومت آئين ۾ ترميمن لاءِ بي اين پي جي سينيٽرن تي دٻاءُ وجهي رهي آهي، سينيٽر قاسم رونجهو جي گهر تي ڇاپو، سيد احسان شاهه جي زمينن ۽ فارم هائوس تي رينجرز مقرر ڪئي وئي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت رويو تبديل نه ڪيو ته پوءِ پارٽي جا سينيٽر به استعيفائون ڏيڻ تي غور ڪندا، ساجد ترين چيو ته اختر مينگل ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه پر عوامي مسئلا حل نه ٿيڻ تي استعيفا ڏني آهي.