اسلام آباد (انصار عباسي) 2 ڏينهن گم رهڻ کانپوءِ علي امين گنڊاپور وڪيل سان گڏ تقرير ڪئي، تقرير ٻڌڻ مان لڳي ٿو ته علي امين گنڊاپور رياست سان تڪرار ڏانهن وڃي رهيو آهي. علي امين گنڊاپور معافي گهرڻ وارو گنڊاپور نه هو، هن سخت قسم جون ڳالهيون ڪيون. هاڻي پي ٽي آءِ ۽ رياست ۾ جهيڙو وڌي ويو آهي جنهن جي رياست، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ کي به ڳڻتي ڪرڻ گهرجي ڇو ته حالتون اتي پهتيون آهن جو صوبي جو وڏو وزير اهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو. 4 ڏينهن اڳ علي امين گنڊاپور جي تقرير کانپوءِ پارليامينٽ ۾ گرفتاريون ٿيون پر ان جو ڪو فائدو نه ٿيو. ان رد عمل شين کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي، تقريرن جي مذمت ٿي رهي هئي پر هاڻي اهو سڀ ماضي بڻجي ويو. ان صورت ۾ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ٿين گهرجن.