پاڪستان کي ڪير به قرض ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، عوام روڊن تي نڪري: عمران خان

راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سمورن پاڪستانين کي ٻڌائي رهيو آهيان ته آزادي قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت سان ملندي آهي. عوام کي ’اسٽريٽ موومينٽ‘ لاءِ نڪرڻو پوندو راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته ڪو به ملڪ پاڪستان کي پئسا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.عمران خان چيو ته ملڪ جا قرض وڌي رهيا آهن. ملڪ تاريخ جي سڀ کان گهٽ سيڙپڪاري کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ پئسو پاڪستان مان ٻاهر وڃي رهيو آهي.عمران خان چيو ته پنهنجي پارٽي کي چيو آهي ته هو روڊن رستن تي تحريڪ جي تياري ڪن. پوءِ ڪو اسان کي اهو نه چوي ته اسان کي ملڪ جي معاشي حالتن جو ڪو فڪر ناهي.اسلام آباد جي جلسي جي ٻئي ڏينهن (9 سيپٽمبر) پارليامينٽ جي ٻاهران پارٽي اڳواڻن جي گرفتاري جي حوالي سان هن چيو ته پارليامينٽ ۾ گهڙي اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.هن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي زال جي گرفتاري تي سوال اٿاريا ۽ چيو ته ڪو ٻڌائي ته منهنجي زال کي ڪهڙي ڏوهه ۾ جيل ۾ رکيو ويو آهي. بشرا بي بي صرف هڪ شخص جي انا سبب جيل ۾ آهي.

  1. گذريل سال 33 آءِ پي پيز کي 979 ارب رپين کان وڌيڪ ادائيگين جو انڪشاف

اسلام آباد (م ڊ) پاور ڊويزن طرفان هڪ سال ۾ آءِ پي پيز کي 979 ارب رپين کان وڌيڪ ادائيگين جو انڪشاف ٿيو آهي. پاور ڊويزن طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل تفصيلن موجب جولاءِ 2023 کان جون 2024 تائين 33 آءِ پي پيز کي ڪيپيسٽي پيمينٽ جي مد ۾ 979 ارب 29 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ادائيگيون ڪيون ويون. پاور ڊويزن موجب مقامي ۽ درآمدي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪندڙ 8 آءِ پي پيز کي 718 ارب رپين کان وڌيڪ جون ڪيپيسٽي پيمينٽس ڪيون ويون، جڏهن ته هائڊرل ذريعن مان بجلي پيدا ڪندڙ ٽن آءِ پي پيز کي 106 ارب رپين کان وڌيڪ جون ڪيپيسٽي پيمنٽس ڪيون ويون. پاور ڊويزن چيو ته فرنس آئل مان بجلي پيدا ڪندڙ 11 آءِ پي پيز کي 81 ارب 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ادائيگيون ڪيون ويون. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ڪي اليڪٽرڪ ۽ حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي ٽن سالن جي خساري جا تفصيل به ايوان ۾ پيش ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.