اسلام آباد (م ڊ): پارليامنٽ جي چارٽر لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن تي ٻڌل خاص ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ ئي بچاءَ واري وزير خواجا آصف جي پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ صاحبزاده حامد رضا سان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ بچاءَ واري وزير اجلاس مان وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر محمود خان اچڪزئي بروقت مداخلت ڪري کيس وڃڻ کان روڪي ورتو. پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پارليامنٽ جي خاص ڪميٽي جو اجلاس پارليامنٽ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار، بئريسٽر گوهر، خواجا آصف، امين الحق، صاحبزاده حامد رضا، محمود خان اچڪزئي، مولانا فضل الرحمان، اعجاز الحق، فاروق ستار، عليم خان، نويد قمر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران صاحبزاده حامد رضا چيو ته پارليامنٽ تي راتاهو هنيو ويو، هڪ ڀيرو اٿي بيهو. ان تي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ميان نواز شريف کي پنهنجي گهرواريءَ کي فون ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي، راڻا ثناءُ الله تي هيروئن جو ڪيس هڻي چيو ويو ته الله کي سندس جان ڏيڻي آهي، ڇا ڪميٽي اسان تي تنقيد لاءِ ٺهي آهي؟ مان هن ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿو رهڻ چاهيان. ائين چئي خواجا آصف اجلاس مان وڃڻ لاءِ سيٽ تان اٿيو پر محمود خان اچڪزئي خواجا آصف کي اجلاس ۾ ويهڻ لاءِ راضي ڪري ورتو.