گنڊاپور جو افغانستان سان سڌين ڳالهين وارو بيان وفاق تي حملو آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته ڪو صوبو سڌي ريت ڪنهن ملڪ سان ڳالهيون نٿو ڪري سگهي ۽  ان حوالي سان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو بيان وفاق تي حملو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان کان اسان جو نمائندگي جو حق ڪيترن ئي سالن کان کسيو ويندو رهيو آهي. شير افضل مروت تعميري ڳالهه ڪئي، مروت صاحب مون سان اسيمبلي ۾ ڪجهه وقت لاءِ مليو ته سندس پنهنجي پارٽي مٿس ايتري تنقيد ڪئي، هتي اهو ماحول پيدا ڪيو ويو ته ٻئي سان هٿ به ناهي ملائڻو، ڪڏهن اسان ۽ پيپلزپارٽي ۾ ويڇا به رهيا آهن پر برداشت جي حد ايتري گهٽ ناهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.