پارليامينٽ مان گرفتارين خلاف ٻئي ايوان هڪ آواز، سينيٽ ۾ مذمتي ٺهراءُ منظور

اسلام آباد (رپورٽر): پارليامينٽ هائوس مان قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي گرفتارين خلاف سينيٽ مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان  منظور ڪري ورتو. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران 9 سيپٽمبر تي پارليامنٽ مان ايم اين ايز جي گرفتارين خلاف مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو، ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته ايوان پارليامنٽ مان قومي اسيمبلي جي 10 ميمبرن جي گرفتاري جي مذمت ڪري ٿو، پارليامنٽ مان گرفتاريون ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته پارليامنٽ تي حملي جي مذمت ڪيون ٿا، هي شرمناڪ عمل جمهوريت جي لتاڙ آهي، پاڪستان جي بالادستي کي بحال ڪيو وڃي. سينيٽ پارليامينٽ کي ڍڪي ٿواسيمبلي ميمبرن جي گرفتارين خلاف مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر چيو ته جن ماڻهن احتجاج ڪرڻ جي جرئت ڪئي، انهن کي پارليامنٽ جي اندران گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته پارليامينٽ مقدس آهي، اهو آئين ۽ قانون سازي جو ادارو آهي، پي ٽي آءِ ميمبرن کي هن نام نهاد جمهوريت جي دور ۾ وڏي ذلت سان گرفتار ڪيو ويو آهي. پارليامنٽ مان اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاريءَ کانپوءِ وزيراعظم ۽ گهرو وزير استعيفيٰ ڏين.مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پارليامنٽ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي اسپيڪر جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته مون کي 75 سالن جي عمر ۾ هٿڪڙيون لڳل هيون، مون کي گهر مان ڪڍيو ويو ۽ منهنجي زال جي هٿ تي زخم هئا. هن چيو ته ان وقت به 73ع جو آئين هو، جنهن جي توهان هتي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، هي اهو فصل آهي جيڪو ان وقت پوکيو ويو هو ۽ هاڻي ان کي لڻڻو آهي، هن چيو ته اهڙو انقلاب نه ايندو جو پارليامنٽ ختم ٿي ويندي، اهڙي انقلاب جي اجازت نه ڏينداسين. سينيٽ ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ايڪٽ ترميمي بل 2024ع منظور ڪيو ويو، تعليم واري وزير خالد مقبول صديقي  ترميمي بل 2024ع پيش ڪيو جيڪو اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي گرفتارين تي تنقيد سبب پارليامينٽ کان سوال ڪيو آهي ته مون کي سوچڻو پوندو ته هتي رهڻ چاهيان ٿو يا نه؟ اهڙن خيالن جو اظهار پي ٽي آءِ ميمبر شيخ وقاص اڪرم خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪيو. شيخ وقاص اڪرم پارليامينٽ مان گرفتار ڪيل 10 اڳواڻن ۾ شامل آهي، جن کي پروڊڪشن آرڊر تي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. هن چيو ته مونکي افسوس آهي ته هن پارليامينٽ جا دروازا بند ڪيا ويا، اسان کي فخر آهي ته اسان پارليامينٽرين آهيون.  پارليامينٽ کي رينجرز ۽ پوليس گھيرو ڪيو، اسان چور ناهيون. هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀ مختلف منزلن تي پهتاسين، بجلي بند هئي، ان دوران زين قريشي کنگهيو، مون چيو ته هن کي پڪڙيو، نه پڪڙيو، توهان هن کي وٺي اچو. جنهن تي ايوان ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. شيخ وقاص اڪرم چيو ته اسپيڪر صاحب توهان جا ماڻهو به انهن سان مليل هئا. اسان کي شير افضل مروت جي لينڊ ڪروزر ۾ کڻي ويا.  پوليس ۽ نقاب پوش ماڻهن ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ چيو ته کڻنداسين، ٻئي چيو ته اسان کڻي وينداسين. مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پارليامنٽ هائوس مان گرفتاري تي حيرت آهي ته کين ڪمرن جون چاٻيون ڪٿان مليون؟ پروڊڪشن آرڊر تي پي ٽي آءِ جي گرفتار ميمبرن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پارليامنٽ هائوس پهچڻ بعد گرفتار ميمبرن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات به ڪئي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي عمر ايوب چيو ته آءِ جي اسلام آباد  کي گرفتاريون ڪرڻ جي جرئت ڪيئن ٿي. هن چيو ته جنهن ڪمري ۾ شيخ وقاص اڪرم ۽ زين قريشي ويٺا آهن، انهن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون عمر ايوب چيو ته خصوصي ڪميٽي طئي ڪري ته ان ڏينهن آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جا ماڻهو ايوان ۾ ڪيئن داخل ٿيا؟ زرتاج گل چيو ته اسان جي ميمبرن کي ڳچيءَ کان وٺي گهليو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.