خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ عليحدگي جا نعرا پيا لڳن\فضل الرحمان ايمل ولي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اي اين پي جي سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ،اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت وچ ۾ وڏي عرصي کان ويڙهه جاري آهي، ان جنگ جي ڪري سپريم ڪورٽ مان  جيڪي به فيصلا  اچن ٿا انهن تي عمل نٿو  ٿئي، سينيٽ ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن جي تاريخ ڏني عمل نه ٿيو، مخصوص سيٽن بابت فيصلو ڏنو اهو فيصلو به رياست پاڪستان کي قبول نه هو،سينيٽ ۾ ڪي پي جي 11 سينيٽرن کي اچڻ نه ڏنو ويو،ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ ادارا ڪمزور ڪري رهيو آهي،سپريم ڪورٽ،اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت هڪ ٻئي کي ڪمزور ڪرڻ ۾ رڌل آهن،ان سان پاڪستان جو نقصان ٿيندو،وقت اچي ويو آهي ته خيبرپختونخوا تي اسان وڏي ويجهي نظر رکون،ڊپ آهي ته پاڪستان ڪٿي خيبرپختونخوا وڃائي نه ويهي،هڪ طرف 40 هزار دهشت گردن کي صوبي ۾ آندو ويو آهي، 102 خطرناڪ دهشت گردن کي هڪ صحيح سان جيل مان آزاد ڪيو ويو،ڪي پي ۾ انهن جي حڪومت آهي جن دهشت گردن سان ڳٺ جوڙ ڪري رکيو آهي،هن چيو ته ڪي پي پوليس اڄ مجبور ٿي دفاعي ادارن خلاف هڙتال ڪري رهي آهي،ان جو پس منظر اهو آهي ته هڪ ايس ايڇ او کي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ قتل ڪيو ويو،پوليس دهشت گرد کي گرفتار ڪيو ته دفاعي اداري جا ماڻهو ٿاڻي تان اهو دهشت گرد کنڀي کڻي ويا،هن چيو ته  ڪي پي ۽ بلوچستان جي صورتحال تي هڪ خصوصي اجلاس ڪوٺايو وڃي ڇو ته پاڪستان انهن ٻنهي صوبن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري ٿو،اسان نٿا چاهيون ته پاڪستان وڌيڪ ٽٽي،ادارن وچ ۾ ويڙهه ختم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، نه ته اسان بلوچستان ۽ ڪي پي هٿان وڃائي سگهون ٿا،هن چيو ته ڇا اسان کي خبر ناهي ته گرفتاريون ڪير ڪري رهيو آهي؟ اسان هڪ ٻئي تي الزام هڻي رهيا آهيون،

اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ادارن جا وڏا ايڪسٽينشن جي ڳڻتيءَ ۾ آهن. جنرل اسان جي اکين تي  آهن پر جيڪڏهن اهي منهنجي ايوان مان ماڻهن کي کڻندا ته ان جي اجازت نه ڏيندس. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامنٽ ۾ پيش آيل واقعي جي سخت مذمت ڪريان ٿو. بهتر ٿئي ها ته پارليامنٽ کي ٽن ڏينهن لاءِ احتجاج طور بند ڪيو وڃي ها. هن چيو ته اسان کي ڪجهه وقت عوام کي به ڏيڻ گهرجي. خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ امن امان لاءِ ڳالهيون ڪيون هيون. مون چيو هو ته پوليس سج لٿي کانپوءِ ڪمرن ۾ هلي وڃي ٿي. الله ملڪ کي سلامت رکي. هن چيو ته لڪي مروت کان شروع ٿيل ڌرڻو بنون ۽ باجوڙ تائين هليو ويو آهي، جيڪڏهن پوليس پنهنجي فرض کان پوئتي هٽي وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ اسان ڇو نٿا سمجهون ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟ هن چيو ته اڪثر وٽ ادارا ۽ ادارن جا وڏا پنهنجي ايڪسٽيشن جي ڳڻتيءَ ۾ آهن. فوج ۽ سپريم ڪورٽ اندر مدي ۾ واڌ وارو عمل غلط آهي. جيڪڏھن توھان تبديل چاھيو ٿا ته سسٽم کي تبديل ڪريو. جي يو آءِ سربراهه چيو ته پارليامنٽ کي سپريم بڻايو وڃي، تقرير جي آزادي هئڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان هتي فوج يا بلوچستان جي ڳالهه ڪريون ته ايجنسيون اچن ٿيون ۽ کڻي وڃن ٿيون. ان تي اسپيڪر اياز صادق چيو ته اسان جي آئين ۾ لکيل آهي ته فوج ۽ عدليه تي تنقيد نه ٿي ڪري سگهجي. جنهن تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان سڌارن جي ڳالهه ڪري سگهون ٿا نه؟ فوج ۽ ججن کي پنهنجي حدن جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جنرل اسان جي اکين تي آهن پر جيڪڏهن هو منهنجي ايوان مان ماڻهن کي کڻندا ته کين اجازت به نه ڏيندس. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي سڌارن ڏانهن وڃڻ گهرجي، بعد ۾ پارلياماني ڪميٽي ۾ خطاب ڪندي فضل الرحمان چيو ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ عليحدگي جا نعرا لڳي رهيا آهن، فوج،عدليه ۽ بيوروڪريسي ۾ گروپ بندي نه هئڻ گهرجي، پي ٽي آءِ دور ۾ لاجز ۾ اسان جي ميمبرن جون گرفتاريون ٿيون اهي تڏهن به غلط هيون اڄ به غلط آهن، هڪ آرمي چيف باجوا اسان جي ٻانهن مروڙي پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرايا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.