حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي سول سوسائٽي جي نمائندن، انساني حقن جي اڳواڻن ۽ صحافين ارسا ايڪٽ 1992 ۾ رٿيل ترميم کي سنڌ سميت سمورين وفاقي اڪائين ۽ وفاق دشمن ترميم قرار ڏيندي چيو آھي ته پاڻي سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، 1991 پاڻي ٺاھ ۾ ڪنھن به قسم جي تبديلي خلاف سنڌ جي سمورين سياسي جماعتن، سول سوسائٽي ۽ آبادگار تنظيمن کي گڏجي سگھارو آواز اٿارڻ گھرجي. اھڙو اظھار ھنن ڪالھ ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ميزباني ھيٺ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ارسا ايڪٽ ۾ رٿيل ترميم بابت ڪوٺايل اجلاس ۾ ڳالھائيندي ڪيو. ان موقعي تي سماجي تنظيم سافڪو جي اڳواڻ سليمان جي ابڙو چيو ته سٺي ڳالهه آهي ته هن دفعي سنڌ اسيمبلي مان ٺهراء منظور ڪيو ويو آهي ماضي ۾ به ٽن صوبن ڪالاباغ ڊيم سميت ٻين ڊيمن خلاف ٺهراء منظور ڪرايا آهن. هن چيو اسيمبلي اندر زراعت تي ڳالهايو نٿو وڃي سنڌ آبادگار بورڊ جو به اهم ڪردار آهي اهو به پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو پنجاب پنهنجا درياءِ وڪڻي هاڻ ٻين صوبي جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي آهي هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪيو آهي ته چئن صوبن اتفاق راءِ کان ڪوبه بل منظور نه ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان جا نمائندا سنڌ جي وسيلن کي وڪرو ڪري رهيا آهن پر انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته اهي وسيلا انهن جو به جياپو آهن. سنڌ جي سول سوسائٽي اهڙي ڪنهن به بل يا وسيلن جي ڦرلٽ کي قبول نه ڪندي. پي ايف يو جي، جي مرڪزي اڳواڻ لالا رحمان سمون چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ سان پاڻي جي معاملن ۾ سنڌ جو وڏو نقصان ٿيندو. هن چيو ته سنڌ جو عوام مطالبو ڪري پيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. گرين انيشيٽو پاڪستان جي نالي ۾ پھريان سنڌ سميت ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين کنئي وئي ۽ ھاڻ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايڇ آر سي پي جي ايڊوائزر پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته جيڪڏهن ملڪ جي هڪ صوبي کي ديوار سان لڳائيندو ته ان سان اسيمبلي ڪمزور ٿيندي پنهنجي مرضي سان بند ڪمرن ۾ ويهي ترميمون ڪرڻ سنڌ جي هاري سان ظلم آهي. وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ نامياري ليکڪا امر سنڌو چيو ته گرين انيشيٽو پروگرام تحت زمينون ڏئي سنڌ جي حصي جي پاڻي تي راتاهو هڻڻ سان سنڌ جي پيداوار کي نقصان ٿيندو. هن چيو ته گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام تحت لکين ايڪڙ زمينون هٿ ڪري اهي آباد ڪيون وينديون, پر اهو ٻڌايو وڃي ته انهن زمينن کي آباد ڪرڻ جي لاءِ پاڻي ڪٿان ڏنو ويندو. هن وقت ڪا به سياسي تنظيم ان معاملي تي ڳالهائڻ تي تيار ناهي. نامياري ليکڪ تاج جويو چيو ته آباد زمينن کي غير آباد ڪري غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي. هي اسان جي زرعي وجود کي ختم ڪرڻ جي سازش آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي شعور جي خوف کان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف بل پاس ڪرايو ويو آهي. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ تبديلي سان سنڌ جو وڌيڪ پاڻي پنجاب جي قبضي ھيٺ اچي ويندو. ھن چيو ته سنڌ جي سمورين ڌرين کي ان مسئلي تي سگھارو آواز اٿارڻ جي ضرورت آھي. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ جاني خاصخيلي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ سان صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ وڏو ٽڪراء ٿيندو. پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته سنڌ جي 80 سيڪڙو آباد زمينن جو پاڻي کسڻ سنڌ جي ماڻهن سان ظلم آهي. پاڻي تي حق پهريان پوڇڙ وارن جو آهي پر سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي به نٿو ملي. اجلاس جي آخر ۾ جوائينٽ ايڪشن ڪميٽي ارسا ايڪٽ 1992 ۾ رٿيل ترميم کي سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو ڪرار ڏيندي چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وارو قدم سنڌ سميت وفاق سمورين اڪائين ۽ وفاق لاءِ هاڃيڪار آهي سنڌ جو شعور اهڙي سنڌ وفاق دشمن قدم کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. اجلاس ۾ ايڇ آر سي پي جي ريجنل ڪوادينٽر غفرانه آرئين, صحافي فاضل چنا، اشوڪ راماڻي, غلام فريد لاکو, حسيب لطيفي ۽ ٻين پاڻي واري معاملي تي ڳالهايو.