اسلام آباد ( م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جو ملٽري ٽرائل غور هيٺ هئڻ يا نه هئڻ بابت وفاقي حڪومت کان واضح جواب گهري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ باني عمران خان جي امڪاني ملٽري تحويل ۽ ٽرائل خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ عمران خان جي وڪيل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران جسٽس گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏنا ته عمران خان هڪ سويلين آهي، عام شهرين جو ملٽري ٽرائل درخواست گذار ۽ عدالت لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي. جسٽس ميان گل حسن چيو ته درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان بيان آيو آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته فيڊريشن طرفان واضح موقف اچڻ گهرجي. ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل استدعا ڪئي ته پهريان درخواست تي واريل اعتراضن تي فيصلو ڪيو وڃي جنهن تي جسٽس گل حسن چيو ته هو درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري رهيو آهي. عدالت وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 سپٽيمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
-
پيٽرول في ليٽر 12 رپيا سستو ٿيڻ جي اميد
اسلام آباد (م ڊ ) سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ سبب پاڪستان ۾ پيٽرول في ليٽر 12 رپيا سستو ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. انڊسٽري ذريعن موجب، ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ به 12 رپيا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 8 رپيا گهٽتائي جو امڪان آهي.واضح رهي ته 31 آگسٽ تي وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ ڪئي ئي.نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت هڪ رپيو 86 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 3 رپيا 32 پئسا جڏهن ته گاسليٽ 2 رپيا 15 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو هو.
-
هي حڪومت 6 کان 8 مهينن جي مهمان آهي: جاويد عباسي
اسلام آباد (م ڊ) نواز شريف جي ويجهي ساٿي جاويد عباسي پارٽي ڇڏڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته هي حڪومت 6 کان 8 مهينن جي مهمان آهي ۽ شايد اها مسلم ليگ ن جو آخري اقتدار هجي. پنجاب جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو ڪهڙي سياسي پارٽي جي حمايت ڪن ٿا.جاري ڪيل بيان ۾ جاويد عباسي چيو ته ٻارن جي پويان هٿ ٻڌي نوڪري نٿا ڪري سگهون، سچ ڳالهائڻ وارن لاءِ وڌيڪ گنجائش ناهي، اسان لاءِ هوٽلن ۾ وڃڻ به مشڪل ٿي ويو آهي.جاويد عباسي چيو ته بدقسمتي سان نواز ليگ ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو بيانيو قربان ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف جي بهترين ٽيم کيس ڇڏي چڪي آهي.