صدر سان سنڌ جي وڏي وزير جي ملاقات، ترقياتي ڪمن تي غور

اسلام آباد(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن  تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي صورتحال ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ويو.صدر سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سنڌ جي وڏي وزير صدر زرداري کي صوبي ۾ تازين برساتن سبب ٿيل نقصان کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير صدر زرداري کي ايم اين وي ڊرين جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايم اين وي ڊرين جي مرمت واپڊا کان ڪرائڻي آهي.  ملاقات ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر پڻ موجود هئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.