حڪومت ٻرندي تي تيل هاريو ته هلي نه سگهندي: بلاول

اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي ڪا به ذاتي مخالفت ناهي، آئين جي بالادستي کانسواءِ ڪوبه ادارو هلي نٿو سگهي، سياست پنهنجي جاءِ تي پر اسان کي ورڪنگ رليشن شپ رکڻي آهي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ماحول خراب ڪيو، اوهان به ايئن ڪندا ته سڀاڻي  اوهان ۽ اسان به جيل ۾ هونداسين، هن چيو ته حڪومت جو ڪم آهي باهه وسائڻ آهي، باهه تي تيل هارڻ ناهي، جيڪڏهن ايئن ڪيو ته حڪومت به هلي نه سگهندي، اپوزيشن جو به اهو ڪم ناهي ته هر وقت گاريون ڏي، اسان کي پنهنجين ذميواريون کي ڏسڻو پوندو ۽ اهي نڀائڻيون پونديون. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ايئن سوچي ٿي ته اسان کي عمران خان جيل ۾ وڌو هو، هاڻي اسان کي سر جو جواب پٿر سان ڏيڻو آهي ته پوءِ هڪ ڏينهن خوشي ٿيندي ۽ ٻئي ڏينهن توهان به ساڳي جيل ۾ هوندا؟ جيڪڏهن اسين هڪٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ پورا هونداسين ته ملڪ ڪيئن اڳتي وڌندو؟. عمران خان جڏهن وزيراعظم هو ته منهنجي ساڻس صرف ايتري مخالفت هئي ته جنهن نظام لاءِ منهنجي خاندان قربانيون ڏنيون، اهو نظام هلڻ گهرجي، انهي ڪري محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف ميثاق جمهوريت آندو، 18 هين ترميم ڪئي ۽ اين ايف سي ايوارڊ منظور ڪرايو. هن چيو ته گيلري ۾ ويٺل ماڻهو اسان کي ڏسي سياستدان بڻجڻ نه چاهيندا، ڇاڪاڻ ته سياست کي بدنام ڪيو ويو آهي، هن سياست ذريعي نوجوانن کي روزگار ۽ معاشي انصاف ڏيارڻو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته اڄ اسان هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ جا روادار نه آهيون. مينگل صاحب جي فيصلي تي مون کي تمام گهڻو افسوس ٿيو، کيس پارليامينٽ ۾ ويهڻ گهرجي ها، پي ٽي آءِ کي اسيمبلي مان نڪرڻ کان سختي سان منع ڪئي، اڄ پاڻ به ڀوڳي رهيا آهن ته ملڪ به ڀوڳي رهيو آهي.هن چيو ته اسان ٻاهر جيڪا به سياست ڪندا آهيون اها اسان جي مرضي آهي پر ايوان ۾ اسان جي ذميواري آهي، پارليامينٽ ملڪ جو سپريم ادارو آهي.بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت سان اسان جو اختلاف راءِ هوندو آهي، ان ڳالهه سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي ته ڪنهن منهنجي پيءُ کي يا منهنجي ماءُ کي ڪنهن جيل ۾ وڌو، اوهان جو ليڊر ڪجهه وقت لاءِ جيل ۾ آهي، ان سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي، پر سندس ڪيس ميرٽ تي وڙهو.بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته حڪومت جي معاشي پاليسي تي تنقيد ڪندا رهيو آهيان، ساڻن مختلف گڏجاڻين ۾ ويٺو آهيان، سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا، مخصوص لابي نه چاهيندي ته اتفاق هجي پر اسان کي مهانگائي جو مقابلو ڪرڻو آهي، حڪومت تي تنقيد سان گڏ اها واکاڻ به ڪرڻي پوندي ته مهانگائي گهٽجي رهي آهي، ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي لاءِ تجويزون ڏيڻيون آهن، ڪوبه اهڙو ڪم ناهي ڪرڻو جنهن سان حڪومت جي آءِ ايم ايف سان ڪيل ڊيل کي ڪو نقصان پهچي.هن چيو ته ميثاق معيشت جي ٻئي ڏينهن سازشون شروع ٿي ويون، افتخار چوڌري ذريعي سازش ڪئي وئي، اسپيڪر کي درخواست آهي ته پهرين ايوان کي فعال ڪريو ۽ پوءِ ملڪ کي ڪريو .قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف ميثاق معيشيت تي صحيح ڪئي هئي، اسان جا رابطا ۽ اختلاف رهيا پر 90 واري ڏهاڪي جي تلخين ۾ نه وياسين، بلاول ڀٽو جي ڳالهين سان ڪو به اختلاف ناهي.خواجا آصف چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز به جيل ۾ رهيا، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي به جيل ۾ رکيو ويو آهي، آصف زرداري 11 سال جيل ۾ ڪاٽيا، اسان جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيا هئا، خواجا آصف چيو ته سياسي اختلاف جمهوريت جو حسن آهي، جيڪڏهن ليڊر جي آزادي لاءِ احتجاج ڪريو ٿا ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جي قيد کي به ياد ڪريو.هن وڌيڪ چيو ته اسپيڪر گرفتار ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ته مون کي ڪو اعتراض ناهي، مخالف ڌر احتجاج ڪري پر ريڊ لائين پار نه ڪري، اسپيڪر ايوان کي فعال ڪرڻ جو رستو ڳولي، ٻاهر تلخ ڪلامي ٿيندي رهندي.ٻي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي تجويز تي قومي اسيمبلي ۾ چارٽر آف پارليامينٽ ٺاهڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، اسپيڪر اياز صادق چارٽر آف پارليامينٽ جي تجويز ڏني ۽ 16 رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني. اسپيڪر چيو ته ڪميٽي جوڙيون ٿا ته اڄ کان ڪم شروع ٿي وڃي، بئريسٽر گوهر صاحب توهان اجلاس ملتوي ٿيڻ کانپوءِ مون وٽ اچو ۽ پنهنجن دوستن کي ٻڌايو ته اوهان ڪا سازش ڪرڻ نه پيا اچو. قيادت ويهي يا نه ويهي، ڇا اسين پارليامينٽرينز ميثاق پارليامينٽ تي صحيح نه ٿا ڪري سگهون؟. اياز صادق چيو ته پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل چوي ٿو ته اهو سڀ مون ڪرايو آهي؟ پي ٽي آءِ وارا ٻڌائين ته مون سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي يا نه؟ هن چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي ڳالهائڻ ضروري آهي پر ذاتيات مان ٻاهر نڪرو، پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجي دور ۾ اسان جي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا، پر پارليامينٽ هائوس ۾ جيڪو واقعو پيش آيو ان جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ايوان کي بهتر طريقي سان هلائڻ لاءِ مشاورت سان اڳتي وڌنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.