پي ٽي آءِ جي گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي گرفتار ٿيل اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا آهن.بيرسٽر گوهر جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جي وفد اسپيڪر سان چيمبر ۾ ملاقات ڪري گرفتار ساٿين جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ چيو.  پي ٽي آءِ جي وفد ۾ داوڙ ڪنڊي ۽ علي محمد خان به شامل هئا، بئريسٽر گوهر خان چيو ته اوهان گذريل ڏينهن پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پر گرفتار ميمبرن کي اسيمبلي ۾ آڻڻ لاءِ اڃا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا ويا، اوهان ڪالهه زباني چيو هو، اڄ لکت ۾ آرڊر لاءِ آيا آهيون.ان بعد پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق تحريڪ انصاف جي گرفتار ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن، سمورا ميمبر اڄ ايوان ۾ ايندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.