ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي سڌ سماءُ ۽ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته خيبر پختونخواھ جي عوام کي اکيون کولڻيون پونديون ته هنن سان ڇا ٿي رھيو آھي، ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جو ٽيون دور آھي، ماڻھو اڄ به ڪي پي مان روزگار سانگي ٻين علائقن ڏانھن وڃڻ تي مجبور آھي، پي ٽي آءِ جو باني، ملڪ، عوام، پارٽي ميمبرن سميت ڪنھن سان به مخلص ناھي، ھو رڳو پنھنجي مفادن سان مخلص آھي. ھن اها ڳالهه ڪي پي ڪي جي صحافين جي هڪ وفد سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران چئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پشاور جي صحافي ڀائرن کان اڳ لاھور جي صحافي دوستن به سنڌ جو دورو ڪيو آھي سنڌ ۾ سنڌ سرڪار جي جاري منصوبن جو جائزو ورتو. ميڊيا ۽ تقريرن جي ڳالھ ٻي آھي، سوچيل سمجھيل سازش تحت سنڌ سرڪار خلاف پروپيگنڊا ڪئي ويندي آھي، دوري سان صحافي دوستن کي پتو پوندو ته سنڌ سرڪار ڪيترو ڪم ڪيو آھي. ھن چيو ته پاڪستان ھن وقت توانائي جي بحران کي منھن ڏئي رھيو آھي، پاڪستان جي توانائي جي بحران جو واحد حل ٿرپارڪر جو ڪوئلو آھي، شھيد بي بي ٿر ڪول تي ڪم شروع ڪيو، سندس حڪومت ختم ٿيڻ شرط ئي ٿر ڪول منصوبي تي ڪم بند ڪيو ويو، 2008 ۾ صدر آصف علي زرداري شھيد بي بي جي سوچ تحت ٿرڪول منصوبي تي ٻيھر ڪم شروع ڪرايو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار صحت جي ميدان ۾ به جوڳيون خدمتون سرانجام ڏئي رھي آھي، اين آءِ سي وي ڊي ۾ لکين ماڻھن جو مفت علاج ٿي رھيو آھي، پوري پاڪستان جي ماڻھن جو اين آءِ سي وي ڊي ۾ مفت ۾ علاج ٿي رھيو آھي، سائبر نائف سان نه رڳو پاڪستان پر ٻين ملڪن جا ماڻھو به فائدو ماڻي رھيا آھن. ھن چيو ته ٻوڏ پوري پاڪستان ۾ آئي ھُئي، پر ٻوڏ متاثرن لاءِ گھر رڳو پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار ٺاھي رھي آھي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت 21 لک گھر ٺاھيا پيا وڃن، سنڌ سرڪار جي ھائوسنگ پروجيڪٽ کي اڄ ايوارڊز ملي رھيا آھن. سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ توانائي بحران کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار پاران سولرائزيشن جو نظام شروع ڪيو ويو آھي، ٻھ لک ڪٽنبن کي سولر سسٽم ڏنا پيا وڃن، ونڊ پاور پلانٽ بھ سنڌ سرڪار جو تمام وڏو منصوبو آھي، سنڌ سرڪار سولر پارڪ بھ ٺاھڻ وڃي رھي آھي.