ڪي پي اسيمبلي جو ٺهراءُ اسٽيبلشمينٽ ڏانهن سخت پيغام، سرد جنگ ويتر تيز

اسلام آباد(عمر چيما+فخر دراني+اعزاز سيد)علي امين گنڊاپور جي حوالي سان صحافين ۾ وڏو تجسس آهي ته گذريل رات هن سان ڇا ٿيو؟هو اجلاس ۾ به نه آيو، سلمان اڪرم راجا علي امين جي صحافين جي حوالي سان ڪيل بدزباني تي ميڊيا کان  معذرت ڪري ورتي،جڏهن ته اهو به معلوم ٿيو آهي ته علي امين کي آءِ ايس آءِ آفيس گهرائي چيو ويو ته توهان وڊيو بيان جاري ڪري 9 سيپٽمبر واري جلسي ۾ ڪيل ڳالهين تي افسوس جو اظهار ڪيو پر بقول پي ٽي آءِ جي هن انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته ڪي پي اسيمبلي گذريل ٻن سالن ۾ سياست ۾ فوج جي  ڪردار تي سخت تنقيد ڪئي آهي پر سياست ۾ موجوده فوجي آفيسرن جي مداخلت تي سندن ڪورٽ مارشل جو مطالبو ڪيو آهي، ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته ڪجهه فوجي آفيسرن جي انا ۽ ضد هن ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي،ايوان پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون جي مذمت ڪندي چيو ته حالتون خراب ٿيون ته ذميوار فوج جا ڪجهه آفيسر هوندا، ان ٺهراءُ کانپوءِ پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ جنگ اڃا وڌندي،پي ٽي ايم اڳواڻ منظور پشتين کي به ڪي پي حڪومت گهرائي اعلان ڪيو آهي ته هن جا جائز مطالبا مڃيا ويندا، اهو اسٽبيلشمينٽ لاءِ وڏو پيغام آهي،پي ٽي آءِ ڀرپور ويڙهه جي موڊ ۾ آهي،ڊپ آهي ته ڪٿي آئين کان مٿانهون قدم نه کڄي وڃي،جڏهن ته  ادارن،سياسي جماعتن ۾ هم آهنگي نه هئڻ ڪري مهانگائي ۽ بيروزگاري جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام لاءِ رليف جو ڪو به آسرو نظر نه پيو اچي، ايندڙ ڏينهن ملڪ جي حوالي سان انتهائي پريشان ڪندڙ آهن جڏهن ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايڪسٽينشن نه وٺڻ واري بيان جي ترديد ڪري دروازا بند ناهن ڪيا، هن ملڪ ۾ ڪو به رٽائر نٿو ٿيڻ چاهي،هن پنهنجي ترديد جي ”ترديد“ ڪئي آهي، صحافين سان ڳالهيون آف دي رڪارڊ هجن يا آن دي رڪارڊ هن کي پنهنجي ڳالهه تي قائم رهڻ گهرجي ها،مئي کانپوءِ اهو پروپيگنڊا هلي ته چيف جسٽس سمورا فيصلا اهڙي نموني ڪري رهيو آهي ته جيئن حڪومت کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي ۽ اها ججن جو مدو وڌائڻ لاءِ قانون سازي ڪري سگهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 12 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.