ڪراچي(رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه بلديا ٽائون سانحي کي 12 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته بلديا ٽائون سانحي تي جيترو افسوس ۽ مذمت ڪجي گهٽ آهي، 12 سال اڳ بلديا فيڪٽري کي باهه ڏئي 264 مزدورن کي شهيد ڪيو ويو هو.هن چيو ته سنڌ جي عوام هميشه دهشتگردي خلاف آواز اٿاريو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي مظلوم شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهي.وڏي وزير اهو پڻ چيو ته اهڙن شرپسندن خلاف متحد آهيون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن شرپسندن خلاف ڪارروائي جاري رکندا.