لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر حامد خان چيو آهي ته وڪيل ڪنهن به صورت ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي اختيارن ۾ گهٽتائي برداشت نه ڪندا. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر حامد خان چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن کي هن وقت مئل بار ايسوسيئيشن بڻايو ويو آهي، اها سپريم ڪورٽ ۽ ملڪ لاءِ ڪو به آواز نه اٿاري رهي آهي. وزيراعظم چوي ٿو ته هو آئيني پئڪيج آڻي رهيا آهن. اهو پئڪيج ڳجهو آهي. حامد خان چيو ته موجوده پارليامنٽ ٺيڪ ناهي، حڪومت عدالتن جا اختيار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪا برداشت نه ڪئي ويندي. جيڪڏهن سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻي پئي ته هلائينداسين. حڪومت صوبائي خودمختياري ختم ڪرڻ چاهي ٿي.