وفاق ۽ ڪي پي حڪومت ۾ جنگ تيز، پشاور مان ليگلن جون گرفتاريون شروع

پشاور (م ڊ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور صوبي مان مخالف ڌر جي اڳواڻن جون گرفتاريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پشاور مان نواز ليگ جي اڳواڻ امير مقام جي ڀاءُ ڊاڪٽر عباد کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گنڊاپور حڪومت جي اھڙي عمل کانپوءِ وفاق ۽ ڪي پي ۾ سياسي جنگ شروع وڌي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان جي اڳواڻن کي اسلام آباد ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته ڪي پي ڪي ۾ توهان جي اڳواڻن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي. ڪي پي هائوس جي ترجمان چيو ته  پشاور مان مخالف ڌر جي سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو. گرفتاريون اسان کي به اينديون آهن، اهو ڪم توهان شروع ڪيو پر ختم اسان ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.