حيدرآباد (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ قتل جي مختلف ڪيسن ۾ درست جاچ نه ٿيڻ واري مامري تي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ ۾ پيش ٿيو ۽ قتل ڪيسن جي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ ۽ جاچ آفيسرن جي مڪينزم بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، عدالت کي جاچ ڪرڻ جي مڪينزم بابت آگاھي پڻ ڏني، گذريل شنوائي جي موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ ناري جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي فرخ لنجار ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي صاحب پوليس جو نظام ڪيئن ھلي رھيو آھي؟ پورو ٿاڻو وڏو منشي ھلائي رھيو آھي توھان جي جاچ آفيسرن جو ڪردار صرف ڪيس جي رپورٽ تي صحيح ڪرڻ جي حد تائين آھي. جاچ آفيسرن کي ڪيسن ۽ قانونن جو علم ناھي ھوندو بيگناهه ماڻھو ڦاسي ويندا آھن ۽ ڏوهاري ڪيسن مان نڪري ويندا آھن. سمورن پوليس جي جاچ آفيسرن کي ڪا به ڄاڻ ناھي انھن کي سڌاريو وڃي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ عدالت کي آگاهي ڏني ته اسان جاچ جي نظام کي بھتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون، في ڪيس جي جاچ لاءِ جاچ آفيسر کي لک رپيا ڏينداسين، جنھن تي عدالت پنھنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪيس جي جاچ لاءِ لک رپيا؟ جاچ لاءِ ته 10 ھزار رپيا گھڻا آھن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٿاڻن ۾ ته ڪمپيوٽر موجود ئي ناھن، جن تي پڪي ايف آءِ آر يا رپورٽ داخل ڪري سگهجي، آءِ جي سنڌ عدالت کي آگاهي ڏني ته 700 ڊيٽا انٽري آپريٽر به ڀرتي ڪري پوليس اسٽيشنز تي مقرر ڪيا ويندا. ايندڙ ھفتي ان جو اشتھار جاري ٿيندو، شنوائي بعد عدالت کان ٻاھر ميڊيا سان غلام نبي ميمڻ چيو ته گڊو کان سکر بئراج جي وچ واري حصي ۾ ڌاڙيلن جو صفايو ڪرڻ لاءِ روز پوليس مقابلا ٿيندا آهن. ڌاڙيل به مري رهيا آهن ۽ پوليس وارا به شهيد ٿي رهيا آهن. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ڪيس جي جاچ ٺيڪ نه ٿيڻ تي مون کي ضمانت واري درخواست تي طلب ڪيو ويو هو. هن چيو ته ڪيسن ۾ جاچ سٺي نه ٿي ٿئي ته پوليس جو ڪردار سواليه نشان بڻجي وڃي ٿو. اسان عدالت کي ٻڌايو ته پوليس ڪم ڪري رهي آهي، اسان سنڌ حڪومت کي جاچ جو عمل بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون به ڏنيون آهن.