اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ نيشنل پارڪ واري علائقي ۾ ٺهيل ريسٽورنٽن جي نظرثاني درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ريسٽورنٽن جي نظرثاني درخواستن کي رد ڪندي نيشنل پارڪ واري علائقي ۾ ريسٽورنٽ بند ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکيو. عدالت ريسٽورنٽن کي ڪنهن ٻي جاءِ ليز جي وقت ترجيح ڏيڻ جي آبزرويشن به واپس وٺي ڇڏي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل پارڪ ايريا ۾ ٺاهيل ريسٽورنٽن رضاڪاراڻي طور تي 3 مهينن ۾ ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. عدالت کي يقين ڏيارڻ جي باوجود نظرثاني داخل ڪرڻ عدالت جو مذاق ۽ توهين جوڳو آهي.
-
پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو: حافظ نعيم الرحمان
ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي حقن واري تحريڪ نه رڳو پنجاب پر سڄي ملڪ جي عوام جي حقن لاءِ تحريڪ بڻجي وئي آهي سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بنيادي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، حڪمران پنهنجيون عياشين کي ختم ڪن، آءِ پي پيز تي پابندي لڳائي وڃي.جيڪڏهن حڪومت معاهدي تي عمل نه ڪيو ته 3 ڏينهن جي هڙتال، لانگ مارچ ۽ پوءِ بجلي جي بلن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏينداسين. اھڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي ناظم آباد جي مرڪزي وائيس چيئرمين سيد سان گڏ الحسن چوڪ ناظم آباد ۾ لڳايل وڏي ڪيمپ ۾ علائقي جي عوام ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو. پيپلز پارٽي مڪاني ادارن جا اختيار ۽ وسيلن تي قبضو ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن جي سهڪار سان مڪاني چونڊون ۽ ميئر شپ تي قبضا ڪيا ويا. جماعت اسلامي عوام جي حقيقي مسئلن جي حل لاءِ قومي ايجنڊا جوڙي آهي ۽ ان جي بنياد تي اسان سڄي ملڪ ۾ عوامي رابطا ۽ ميمبرشپ مهم شروع ڪئي آهي.
-
آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪيو ويو: حافظ حمد الله
اسلام آباد (م ڊ) مخالف ڌر جي جميعت علماءِ اسلام ف جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته گذريل رات آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪيو ويو. هڪ بيان ۾ حافظ حمدالله چيو ته ڪالهه جي ڪارروائي ثابت ڪري ڇڏيو ته ملڪ جمهوري نه پر پوليس اسٽيٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ميان شهباز شريف کي آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي وقار کي نظر ۾ رکندي اهڙي عمل جي مذمت ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم پارليامينٽ تي حملي جي ڪڌي حرڪت خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري. هن چيو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر آئيني ذميواري پوري ڪري، جنهن سان وفاداري جو هن حلف کنيو آهي. جيڪڏهن اسپيڪر پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون نٿو ڪري سگهي ته بهتر آهي ته عهدي تان استعيفيٰ ڏئي.