اسلام آباد(انصار عباسي)اسلام آباد واري جلسي ۾ جهڙي نموني ٻولي استعمال ڪئي وئي ان تي رياست پاران ردعمل اچڻ فطري هو، بئريسٽر گوهر علي امين گنڊاپور ۽ خالد خورشيد جي زبان تي اپ سيٽ هو، پي ٽي آءِ ۾ اهڙي معتدل اڳواڻ جي گرفتاري حيرت جوڳي آهي، گوهر خان ڪڏهن به سخت زبان استعمال ناهي ڪئي، پارليامينٽ جي اڱڻ ۾ گرفتارين تي خواجا آصف ۽ ٻين حڪومتي اڳواڻن دفاع ڪيو، پي ٽي آءِ جي حوالي سان سختي وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، علي امين گنڊاپور فوج خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئي اها افغان حڪومت جهڙي هئي، هن کي اداري طلب ڪري ضرور ڪلاس ورتو هوندو، هن وقت تائين هو چپ آهي، يا هن کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي يا معافي وٺڻي پوندي، ٻئي پاسي پنڊي ۾ 40 صحافين کي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ اڪثريت سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوبرن جي هئي، ان ۾ علي امين گنڊاپور جي ڳالهين تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو،اهو به چيو ويو ته 9 مئي جي حوالي سان ڪا به معافي نه ملندي،