پي ٽي آءِ جو گنڊاپور جي بيان تي معافي کان انڪار، جمعي تي احتجاج جو اعلان

اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي سياست ۾ فوج جي مداخلت بابت بيان تي معافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا، پارٽي جي ٻين اڳواڻن عمر ايوب، اسد قيصر، اعظم سواتي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته علي امين گنڊاپور پاڪستاني فوج بابت جيڪو ڪجهه چيو آهي ان تي ڪا معذرت ناهي. علي امين جي ريلي ۾ ڪيل تقرير عوام جي دلين جو آواز آهي. سندس چوڻ هو ته علي امين گنڊاپور سڄي صحافت جي ڳالهه نه ڪئي، صحافت ۾ ڪاريون رڍون آهن، وڏي وزير عورت صحافين بابت ڪو به اڻوڻندڙ ​​لفظ استعمال نه ڪيو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو جمهوري ۽ سياسي عمل تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪستان کي حقيقي آزادي ملڻ گهرجي، عدالتن کي نه ڇڏيو ويو آهي.سلمان اڪرم راجا چيو ته پاڪستان اهڙين حالتن  کي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهي، ڪالهه جيڪو ٿيو اهو سراسر غلط هو، ڇا پارليامينٽ مقدس ناهي؟ پارليامينٽ جي توهين ڪئي وئي. هن چيو ته آئين ۾ ترميم ڪئي وئي آهي جو ماڻهن کي کنڀيو ويو آهي.  پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمر ايوب چيو ته قومي اسيمبلي پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جو گهر آهي، گذريل رات عوام جي گهر تي حملو ٿيو.  9 مئي هڪ بهانو هو، ٽارگيٽ عمران خان هو، 9 سيپٽمبر ڪارو ڏينهن هو، بنا جاچ ايجنسين جا نقاب پوش ماڻهو اندر اچن ٿا ۽ قيادت کي کنڀي وڃن ٿا. عمر ايوب ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ ۽ جمعي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان پڻ ڪيو. اسد قيصر چيو ته اسان هن ملڪ لاءِ تمام گهڻو پريشان آهيون.  هڪ سوال جي جواب ۾ اسد قيصر چيو ته ڪالهه خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، هو ڪالهه کنڀيو نه ويو هو پر انهن ادارن سان ڳالهين ۾ مصروف هو. هوڏانهن  اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن شير افضل مروت، عامر ڊوگر، زين قريشي، نسيم شاهه، احمد چشتي ۽ ٻين کي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته شعيب شاهين کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت، شيخ وقاص، عامر ڊوگر ۽ ٻين کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين آڏو پيش ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.