اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ جو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. مسلم ليگ ن جي دانيال چوڌري بل ايوان ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير عطاءُ تارڙ چيو ته هي بل سينيٽ ۾ آيو پر لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو.هن چيو ته جيڪڏهن بل ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي. ڊپٽي اسپيڪر بل ميمبرن جي مرضي تي ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ياد رهي ته حڪومتي ميمبرن جي بل ۾ ججن جو انگ 23 تائين وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. مخالف ڌر جي مخالفت سبب بل جي منظوري ۾ دير ڪئي وئي.