حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران پي ٽي آءِ اڳواڻن جون گرفتاريون پارليامينٽ تي حملو قرار

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومتي اتحادي پارٽين طرفان پارليامينٽ هائوس مان گرفتارين کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏئي احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر واقعي تي ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان چيو ته پارليامينٽ مان گرفتاريون  پاڪستاني جمهوريت جو 9 مئي واقعو آهي، جنهن کي ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پارليامينٽ ميمبرن کي پارليامينٽ هائوس ۽ مسجد مان گرفتار ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته سندس ڪيس جمهوريت جو آهي، ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو پارليامينٽ سان ٿيو آهي، هو اسرائيل نه پر پاڪستان ۾ آهن. علي محمد خان چيو ته افسوس آهي ته ڪالهه ڀارت، آمريڪا ۽ اسرائيل نه پر سندس پنهنجي ادارن جي ماڻهن کين گرفتار ڪيو. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي علي محمد خان چيو ته جنهن رات پارليامينٽ تي حملو ڪيو، اهو آرڊر ڪٿان آيو، جيڪڏهن آرٽيڪل 6 لڳائڻو آهي ته مٿن ئي لاڳو ڪيو وڃي. ”  پ پ ايم اين اي نويد قمر چيو ته پارليامينٽ ميمبرن جون گرفتاريون آئين ۽ پارليامينٽ تي سنجيده حملو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ اندر گهڙي ميمبرن کي گرفتار ڪيو وڃي ته باقي ڇا ٿو بچي. سندس چوڻ ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي معاملي جي جاچ ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ هائوس مان گرفتارين جو نوٽيس وٺندي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اسپيڪر اياز صادق چيو ته پارليامينٽ ۾ جيڪو ٿيو اهو ايوان تي ٽيون حملو آهي جنهن تي خاموش نه ٿو رهي سگهجي. هن چيو ته ڪالهوڪي واقعي جا سمورا فوٽيجز طلب ڪيا ويا آهن، معاملي کي سنجيدگي سان ڏٺو ويندو، حقيقتون ۽ فوٽيجز ڏسڻ کانپوءِ ڪارروائي ڪئي ويندي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق پارليامينٽ جي احاطي مان ٿيل گرفتارين تي ڪارروائي جو اعلان ڪيو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اهڙي عمل جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. پيپلزپارٽي جي ميمبر سنڌ اسيمبلي منور ٽالپر چيو ته هي 25 ڪروڙ عوام جي نمائندن جي عزت آهي. جميعت علماءِ اسلام ف جي اڳواڻ شاهده اختر واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. اياز صادق چيو ته ڪالهه واري واقعي تي اسٽينڊ وٺڻو پوندو، مون سموريون وڊيوز گهرايون آهن.هن چيو ته ڪالهه جيڪو واقعو ٿيو ان تي خاموش نه ويهنداسين، ان تي ايڪشن ٿيندو، گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي جو ڪيس به داخل ٿي سگهي ٿو، قانون ۽ آئين جي پاسداري ٿيڻ گهرجي. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته هي ايوان جي تقدس جو معاملو آهي، تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي، هن واقعي جي سببن کي به ڏسڻ جي ضرورت آهي، چيمبر ۾ ڪجهه ماڻهن کي گهرايو، معاملي کي ٻنهي پاسن کان ڏسي ٿا وٺون. 03

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.