اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن: عمران خان

راولپنڊي ( م ڊ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ کان دوکيباز اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن، هي اڄ به يحيٰ خان واري پاليسي تي هلي رهي آهي، اڊيالا جيل ۾  صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني چيو ته مون پارٽي جي پنج 6 اڳواڻن کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي اجازت ڏني هئي، پر هاڻي سموري پارٽي کي هدايت ڪري ڇڏي آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪي به ڳالهيون نه ڪرڻيون آهن، ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ اسان کي دوکو ڏنو آهي، اسٽيبلشمينٽ ملڪ خاطر 22 آگسٽ وارو جلسو ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، ان جلسي لاءِ اسان جا قافلا به نڪري چڪا هئا، پر اعظم سواتي اسٽيبلشمينٽ جو پيغام کڻي آيو هو، انڪري جلسو ملتوي ڪيو، هن چيو ته 8 سيپٽمبر تي جلسي جي تاريخ به اسٽيبلشمينٽ ڏني هئي، جنهن لاءِ اين او سي به جاري ڪئي، 8 سيپٽمبر واري جلسي ۾ به اسان سان دوکو ڪيو ويو، يحيٰ خان عوامي ليگ ۽ مجيب الرحمان کي به ايئن ئي دوکو ڏنو هو، مجيب الرحمان سان به هڪ پاسي ڳالهيون ته ٻي پاسي سندس خلاف پلان تيار ٿي رهيو هو، اسان سان به 9 مئي تي اهو ئي ٿيو، دنيا ۾ ڪٿي به جلسي لاءِ وقت مقرر ناهي ٿيندو، جلسو ڇا ميريٽ هوٽل جي تقريب هئي جو اها وقت تي ختم ٿي وڃي. 21 سيپٽمبر تي لاهور جي جلسي بابت عمران خان چيو ته ان جلسي جي اجازت ملي يا نه ملي، 21 سيپٽمبر تي لاهور ۾ جلسو هر حال ۾ ڪيو ويندو، هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت اڻ اعلانيل مارشلا آهي، سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته جمهوريت ۽ قانون جي بالادستي کي بچائي، ان لاءِ قوم به روڊن تي نڪرڻ جي تياري ڪري.علي امين بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته اسان ڪهڙي بغاوت ڪئي آهي، علي امين گنڊاپور قوم جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي، آئون علي امين گنڊاپور سان گڏ بيٺل آهيان، علي امين گنڊاپور جي بيان تي معافي گهرندڙ بزدل ۽ ڊڄڻا آهن انهن کي پارٽي مان نيڪالي ڏني وڃي، فيصل واوڊا بابت سوال تي عمران خان چيو ته فيصل واوڊا ڪنهن جو مائوٿ پيس آهي سڀني کي خبر آهي، اوهان ارشد شريف قتل ڪيس جو اوپن ٽرائل ڪرايو، سڀ ڪجهه وائکو ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.