حيدرآباد (پ ر) سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو جي صدارت هيٺ ڊيٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ارسا ايڪٽ ۾ ٿيندڙ ترميم ۽ سنڌو درياءَ تي ڊيم ۽ ڪينال ٺاهڻ وارن ملڪ دشمن منصوبن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ 15 سيپٽمبر تي شاهپور چاڪر، 20 سيپٽمبر تي ميرواهه، 8 آڪٽوبر تي ٿرپارڪر ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو ويندو. سنڌ جي زمينن، درياءَ سميت سمورا وسيلا فوج سان لاڳاپيل ڪمپني گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ذريعي غيرملڪي سرمائيدارن کي ڏئي سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌو درياءَ سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو درياءَ بچائڻ لاءِ سنڌي عوام کي پر امن جمهوري جدوجهد جي ميدان ۾ اچڻو پوندو.