ڪراچي (پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، سينيئر وائيس چيئرمين عزيزالله ڀٽو، وائيس چيئرمين نواز شاھه ڀاڏائي، جنرل سيڪريٽري غفار ميرجت، ڊپٽي سيڪريٽري ذوالفقار بليدي، پريس سيڪريٽري اياز سولنگي، ماليات سيڪريٽري سلطان دل ۽ رابطاسيڪريٽري ڪمال مهر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ اسيمبلي ۾ اڄ پيپلز پارٽي جيڪو ڪجھه ڪيو آھي اهو سنڌ جي ماڻھن سان ڌوڪو ۽ فراڊ آھي، ان جي مذمت ڪريون ٿا، هڪ طرف سنڌ اسيمبلي قرار داد پاس پئي ڪري ته ٻئي طرف پيپلز پارليامينٽري پارٽي جو صدر آصف زرداري صدراتي هائوس ۾ ارسا کي ختم ڪرڻ لاءَ گڏجاڻيون پيو ڪري ته پوءِ سنڌ جي پ پ سرڪار آصف زرداري جي خلاف به قرار داد منظور ڇو نٿي ڪرائي.