اسلام آباد (م ڊ) سينيئر صحافي حامد مير انڪشاف ڪيو آهي ته نائن اليون حملي کان اڳ هڪ صاحب مون سان ملڻ آيو، جيڪو شخص ملڻ آيو هو مان ان کي سڃاڻي ورتو ته هي اساما بن لادن سان گڏ هوندو آهي. ان جي 15 منٽن کانپوءِ نائن اليون حملو ٿيو ۽ ان وقت هن مون کي گهڙي ڏني ۽ رقعو ڏنو جنهن ۾ لکيل هو ته حملي آورن کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو پر ان حملي ۾ منهنجو ڪو هٿ ناهي. نجي ٽي وي پروگرام ۾ انٽرويو ڏيندي هن چيو ته هن اهو حملو طالبان جي مرضي خلاف ڪيو هو، طالبان کي ان جي خبر نه هئي، اساما بن لادن ان رقعي ذريعي ملا عمر کي صفائي پيش ڪري رهيو هو. ڪينيڊين ڊالرز جي وڏي آڇ ڪئي وئي. حامد مير وڌيڪ چيو ته اساما بن لادن جي گهڙي اڃا به مون وٽ آهي. جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪو ميوزيم ٺهيو ته اساما بن لادن جي گهڙي ان کي ڏيندس. فرهاد زيدي چيو هو ته اساما بن لادن جو انٽرويو اسان جي اخبار ناهي ڇاپي رهي ڪو ٻيو ڇاپيندو.