ڪيسن مان لڳي ٿو ته جوابدار جو تعلق لينڊ مافيا سان آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اينٽي انڪروچمنٽ آپريشن ۽ ايم ڊي اي عملي  مٿان حملي جي ڪيس ۾ جوابدار احمد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت جوابدار جي وڪيل کي رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت ايم ڊي اي کان جوابدارن خلاف سمورو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو، سرڪاري وڪيل چيو ته تيسر ٽائون ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي دوران جوابدارن حملو ڪري ڏنو آهي، پٿراءُ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته مشينري کي به تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ايم ڊي اي جي وڪيل چيو ته جوابدارن خلاف زمين تي قبضن جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن،  ايڊووڪيٽ ايم ڊي اي جوابدارن خلاف ڪيسن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. عدالت چيو ته ڪيسن مان لڳي ٿو ته جوابدار جو تعلق لينڊ مافيا سان آهي. جوابدارن جي وڪيل چيو ته سمورا ڪيس ڪوڙا آهن، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته زمين تي قبضي جا سمورا ڪيس داخل ٿيا آهن، سمورا ڪيس ڪوڙا ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟جسٽس اقبال ڪلهوڙي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته  اسان هاءِ ڪورٽ جا جج آهيون، اسان کي 100 گز جو پلاٽ به ناهي، هتي هزارين گز جي پلاٽ تي قبضا ٿيل آهن. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.