بلوچستان جو پاڻي سنڌ ۾ داخل، قمبر ۽ دادو ضلعي جا ڳوٺ ٻڏي ويا

فريدآباد( ن ع آ)  برساتون پوڻ ڪري بلوچستان جو پاڻي فريدآباد  جي حدن ۾ داخل ٿي ويو آهي ـ پاڻي جو حمل پوائنٽ دروازن وٽ 9 فوٽ پاڻي ٿي ويو آهي پاڻي ۾ چاڙھ ھجڻ ڪري قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جا ڳوٺ دودا خان چانڊيو  ــعاشق مغيري ـ عيسيٰ پور ـ خوشحال مگسي ـ حاجي خان مغيري ـ نيڪ محمد مغيري ـ ميرپور پرڙو ـ غيبي ديرو ـ سونا خان چانڊيو، حمل ، گاھي جو ڳوٺ، ڪنڊو ڏيرو ـ علي بخش تيوڻو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جا رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن جنهن ڪري  ڳوٺن جا رھواسي شھر طرف اچ وڃ کان سخت متاثر ٿي رھيا آهن . ھوڏانھن   بشير احمد ڏيرو ـ علي خان ڏيرو ـ عبدالفتاح ڏيرو ـ فھيم ڏيرو چيو ته بلوچستان کان پاڻي پھچي ويو آهي. ڳوٺاڻن جا رستا پاڻي ھيٺ ھجڻ ڪري شھر طرف اچي وڃي نٿا سگهن ـ ھنن سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاھ ـ تڪ جي چونڊيل نمائندن پ پ ايم پي اي مير نادر خان مگسي، ايم اين اي مير عامر خان مگسي کان مطالبو ڪيو آهي ته ڳوٺن جا رستا بند آهن ٻوڏ متاثرين کي کاڌ خوراڪ جي سخت ضرورت آهي جيڪا ڏني وڃي ـ شھر لاء ٻيڙيون ڏنيون وڃن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.