بجلي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ حڪومت آءِ پي پيز سان ڳالهيون ڪري پئي : اويس لغاري

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن جو موجوده نظام برداشت ڪرڻجوڳو نه آهي جنهن سان ملڪ جي ترقي کي نقصان پهچي رهيو آهي. اويس لغاري چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ حڪومت آءِ پي پيز سان معاهدي تي نظر ثاني جي لاءِ ڳالهيون ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاور پروڊيوسرز ۽ حڪومت اهو سمجهي ٿي ته موجوده صورتحال برقرار نٿي رهي سگهي، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي خاص حد تائين ڪاروباري سمجهوتي کان سواءِ جلد رعايت ڏيڻي پوندي.وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جي قيمتن جو موجوده نظام برداشت ڪرڻ جوڳو نه آهي، بجلي جي موجوده قيمتن سان ملڪي ترقي کي نقصان پهچي رهيو آهي.اويس لغاري پاور ڪمپنين کي معاهدي جو ڪوبه نئون مسودو يا خاص شرط اماڻڻ جي ترديد ڪندي چيو ته حڪومت نئين معاهدي جي لاءِ آءِ پي پيز کي مجبور نه ڪندي پر معاهدي ۾ تبديليون گڏيل رضامندي سان ٿينديون.گذريل ڏينهن نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي توانائي واري وفاقي وزير چيو ته مستقل بنيادن تي عوام جو رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. آءِ پي پيز بابت به  ڪم تفصيل سان پنهنجي تڪميل تي پهچي چڪو آهي. ملڪ تمام جلد آءِ پي پيز بابت خوشخبري ٻڌندو.اويس لغاري چيو ته 2019 ۾ پي ٽي آءِ باني جي ڪابينه آءِ پي پيز کي رليف ڏنو.  پي ٽي آءِ باني وٽ انهي وقت سٺو موقعو هو پر هن ڄاڻي واڻي انهي موقعي کي ضايع ڪيو. هن چيو ته اسان اڳوڻي وزير محمد علي جي رپورٽ کي ٻئي مرحلي تائين کڻي ويا آهيون، قيمتون گهٽ ڪرڻ جا مختلف طريقا موجود آهن. جيترا به پلانٽ لڳايا ويا آهن انهن سڀني سان ڳالهيون جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.