پاڻي، بجلي ۽ گئس سياسي پارٽين جو مسئلو ناهي: حافظ نعيم

ڪراچي (رپورٽر) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪمران ۽ مخالف ڌر ذاتي ملڪيتون ۽ بئنڪ  بيلنس ٺاهي رهيا آهن، ملڪ جي سياسي پارٽين جو مسئلو پاڻي، بجلي، گئس ۽ پيٽرول جو ناهي. مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ انهن ڪرندڙ ڀتين کي هڪ ڌڪو ڏيڻ جي ضرورت آهي. حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هن وقت جاگيردارن، سرمائيدارن، ڊڪٽيٽرن ۽ عدليه تي مشتمل حڪمران ٽولو اسان تي مڙهيل آهي، انهن سڀني طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جون وڏيون ملڪيتون آهن، جن تي ٽيڪس نه لڳايو ويندو آهي. هن چيو ته مڙهيل حڪمرانن آءِ پي پيز سان ظالماڻا معاهدا ڪري عوام کي اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،جماعت اسلامي هن وقت پاڪستان جي غريب عوام جي سڀ کان سگهاري آواز آهي. پاڪستان جو نوجوان جماعت اسلامي جو حصو آهي.جماعت اسلامي جي تحت حق ڏيو تحريڪ هلي رهي آهي، ان سلسلي ۾ مهم سازي هلائي پئي وڃي، پوري ملڪ ۾ 50 لک ميمبرشپ ڪئي ويندي، شهري جماعت اسلامي جي ميمبرشپ مهم جو حصو بڻجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.