ڏکڻ وزيرستان ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي وانا ۾ گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ قبائلي اڳواڻ ملڪ جميل جو پٽ مارجي ويو ۽ اڳواڻ سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس موجب ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي وانا جي ڳوٺ ڪڙي ڪوٽ ۾ قبائلي اڳواڻ ملڪ جميل جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو.پوليس جو چوڻ آهي ته ملڪ جميل ڪڙي ڪوٽ جي علائقي مان وانا بازار وڃي رهيو هو ته روڊ تي سندس ڪار ڀرسان زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس پٽ شمس الدين موقعي تي ئي مارجي ويو.وليس موجب حادثي ۾ قبائلي اڳواڻ ملڪ جميل سميت 4 ڄڻا ۽ گاڏي ۾ سوار 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن، جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي، وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.