لاهور: (م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي ترجمان ۽ سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نئين نيب قانون کي غلط چوندڙ پاڻ سڀني کان پهريان رليف جي درخواست ڏني. پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته رياست جي خلاف منصوبه بندي ڪري حملو ڪرڻ جي ڏوهه جي ڪابه معافي نه آهي. اين آر او جي خيرات گهرندڙ چاهي جلسو ڪري، ڳوڙها ڳاڙي، رڙيون ڪري پر کيس سزا ضرور ملندي. هن چيو ته نئين نيب قانون جي تحت رليف جي پهرين درخواست 9 مئي جي ڏوهاري ڏني آهي. جنهن نيب قانون کي چورن جو قانون قرار ڏنو. هن پاڻ سڀني کان پهرين رليف جي درخواست ڇو ڏني. مريم اورنگزيب چيو ته اهو شخص جيڪو گهڙي ۽ توشه خانه جو چور آهي ۽ 190 ملين پائونڊ جو ڏوهاري آهي، اهو ٻين تي ڪيچڙ اڇلائڻ جي آڙ ۾ پاڻ اين آر او وٺي ڀڄڻ چاهي ٿو. هي شخص روزاني اين آر او جي خيرات گهرندو آهي پر پنهنجي ڏوهه جو حساب نٿو ڏئي.
-
اٽڪ ۾ شاگرد بدفعلي بعد ساٿين هٿان قتل،لاش ڊيم ۾ اڇلايو ويو
اٽڪ ( م ڊ ) اٽڪ ۾ نائين ڪلاس جي شاگرد کي سندس ساٿين بدفعلي بعد قتل ڪري لاش ڊيم ۾ اڇلائي ڇڏيو. پوليس موجب شاگرد محمد هاشم عباس کي سندس ساٿين بدفعلي بعد پاڻي ۾ ٻوڙي قتل ڪيو. دوستن هٿان قتل ٿيل نينگر جي پيءُ جو چوڻ هو ته هو پنهنجي پٽ کي صبح جو اسڪول اسٽاپ تي ڇڏي ويس ۽ موڪل کانپوءِ گهر نه پهتو ته سندس ڳولا شروع ڪئي ۽ جڏهن مون کي اطلاع معلوم ٿيو ته هاشم ، حمزه ۽ ذيشان سان گڏ گهر هليو ويو آهي ، جڏهن ٻنهي ٻارن سان ملاقات ٿي ته هنن چيو ته اسان هاشم کي توهان جي گهر جي ويجهو لاٿو، حمزه ۽ ذيشان به اسان سان گڏ ملي ڪري هاشم کي ڳولڻ لاءِ ويا، ساڳئي وقت ون فائين کي فون ڪيو ۽ ٻار جي گم ٿيڻ جو اطلاع ڏنو. ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جڏهن اسان واقعي جي جاچ شروع ڪئي ته معاملو شڪي هو، جنهن تي اسان حمزه ۽ ذيشان کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڏني، ٻنهي شاگردن جاچ دوران اعتراف ڪيو ته هنن هاشم کي قتل ڪري لاش ڊيم ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، هن جا ڪپڙا ۽ بوٽ ڪتابن واري بيگ ۾ وجهي لوڙهيا ويا، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ٻن ٻارڙن جي سڃاڻپ تي هاشم جو لاش ڊيم مان ڪڍيو ويو، پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو ته هاشم کي قتل ڪرڻ کان اڳ اجتماعي زيادتي ۽ پوءِ ثبوت ٽوڙڻ لاءِ لاش هٿ ڪيو ويو قتل ڪري بند ۾ اڇلايو ويو.
-
ڪرم ۾ دهشتگردن جو حملو، ايف سي اهلڪار شهيد، 3 زخمي
ڪرم ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ دهشتگردن سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ۽ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا.پوليس ذريعن موجب سينٽرل ڪرم ٿاڻي مرغان جي علائقي مرغان تنگا ۾ دهشتگردن ٽل اسڪائوٽس سان واسطو رکندڙ ايف سي چيڪ پوسٽ تي هٿيارن ۽ خودڪش هٿيارن سان حملو ڪيو.حملي ۾ هڪ ايف سي اهلڪار نائيڪ مائيب زاده شهيد ٿي ويو جڏهن ته 3 اهلڪار لانس نائيڪ لياقت، لانس نائيڪ اشتياق ۽ لانس نائيڪ مسعود زخمي ٿي پيا، زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. حملي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز به حملي آورن تي ڀرپور جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد حملي آور علائقي مان فرار ٿي ويا. پوليس ذريعن موجب گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سينٽرل ڪرم ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽن ۽ سرڪاري ملڪيتن تي حملن جو سلسلو جاري آهي.
-
روس، ايران ۽ چين جون آمريڪي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جون ڪوششون: رپورٽ
واشنگٽن (م ڊ) روس، ايران ۽ چين آمريڪا ۾ ٻن مهينن کانپوءِ رٿيل صدارتي چونڊن جي نتيجن تي اثرانداز ٿيڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. اهي ملڪ آمريڪي ووٽرن جي راءِ کي متاثر ڪرڻ لاءِ مهارت سان تيار ڪيل حڪمت عملي جو دائرو وڌائي رهيا آهن. آمريڪي جهن ادارن تازو ان بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته روس ان سلسلي ۾ مستقل خطري جي حيثيت رکي ٿو. ان جو مقصد ڊيموڪريٽڪ اميدوار ۽ هاڻوڪي نائب صدر ڪاملا هيرس جي مقابلي ۾ ري پبليڪن صدارتي اميدوار ۽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي جا امڪان وڌائڻ آهي. ڳجهن ادارن موجب روس جي انهن ڪوششن ۾ ڪريملن جي پٺڀرائي سان هلندڙ ميڊيا جو ادارو آر ٽي مک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هڪ سينيئر ڳجهي اداري جي عهديدار حساس ڄاڻ تي ڳالهائيندي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته روس جا ڪم ڪندڙن ميڊيا جي اداري آر ٽي جي مدد سان اهڙا نيٽ ورڪ ٺاهيا آهن جيڪي ووٽرن کي اڳوڻي صدر ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ نائب صدر جا امڪان گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.