ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ)ڪلوئي ڀرسان ڳوٺ ٻنهوار جو ياسين پٽ صدام لنڊ پنهنجي اسڪولي شاگردن سان گڏ وڃي رهيو هو ته پراڻ جي وچ سير ۾ پاڻي جي تيز وهڪري ۾ ٻڏي ويو شاگردن جي رڙين تي مقامي ماڻهن کيس فوري طور ڪڍي ورتو جڏهن ته سندس پيٽ پاڻي سان ڀرجي ويو ۽شاگرد بيهوش ٿي ويو جنهن کي مقامي ڳوٺاڻن لوڏي سندس پيٽ مان پاڻي ڪڍي بچائي ورتو ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ظلم جي انتها آهي اسان جي اچ وڃ جا سمورا رستا ٺيڪيدار شاهنواز پنهوار بند ڪري ڇڏيا آهن ھنن چيو ته اسان جا ڇھ ماڻهو ٽن مهينن دوران رستو نه هئڻ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا آهن هنن چيو ته ٺيڪيدار شاهنواز پنهوار اسان تي ظلم جا پهاڙ ڪرائي ڇڏيا آهن ھنن چيو ته اسان وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته هاڪڙو پراڻ جي ٺيڪيدار شاهنواز پنهوار ۽سرويئر ناصر جٽ ۽ٺيڪيدار پپو چنا جيڪو ايل بي او ڊي سم نالي جو آهي انهي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ياد رهي ته ڳوٺ ٻنهوار جتي مختلف وقتن تي هاڪڙو پراڻ ڪراس ڪندي 6 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن،جتي ٻه ڏينهن اڳ ٺيڪيدار پاران ڏنل پلاسٽڪ جي ٻيڙي پڻ ڦاٽي پئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا ٻڏي ويا هئا.