اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جو اهم اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس بابت حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.ذريعن موجب اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جا قانوني ۽ آئيني ماهر شرڪت ڪندا. اڱاري تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ صدر طرفان واپس موڪليل بل پيش ڪيا ويندا.