پاڪستان کي ڪابل ۾ پيتل چانهه جو ڪپ مهانگو پئجي ويو: اسحاق ڊار

لنڊن (م ڊ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار عمران خان حڪومت جي معاشي ۽ سلامتيءَ جي معاملن ۾ ڪيل ڪوتاهين مٿان تنقيد ڪندي سندن غلطين کي موجوده دهشتگردي ۽ معاشي چئلينجن  جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو.  لنڊن جي پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن 2021ع ۾ چانهه پيئڻ لاءِ ڪابل وڃڻ واري 3 اسٽار جنرل بابت اهم بيان ڏيندي فيض حميد پاران دهشتگردن کي آزاد ڪرڻ وارن فيصلن کي اڄ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ لهر سان ڳنڍيو. هن چيو ته ان وقت آزاد ٿيل بلوچستان ۾ دهشتگردي جا ماسٽر مائينڊ هئا. رٽائرڊ جنرل حميد جو نالو وٺڻ کانسواءِ هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ چانهه جي ان ڪپ جي قيمت ادا ڪري رهيو آهي، چانهه جو اهو ڪپ پاڪستان کي مهانگو پيو آهي. هڪ سوال ته ڇا فيض حميد عمران خان جي اجازت سان ڪابل ويو هو؟ جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته منهنجي لاءِ اهو قبول ڪرڻ ڏکيو آهي ته هو وزيراعظم جي اجازت کانسواءِ ڪيئن ٿو وڃي سگهي. اسان اڄ  سڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ سان گڏجي معاملن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اهي شيون وزيراعظم جي منظوري کانسواءِ ممڪن ناهن. هن وڌيڪ چيو ته موجوده فوجي اسٽيبلشمنٽ جي جيڪا تعريف ڪجي گهٽ آهي، ڇو ته ان جا ميمبر تمام پروفيشنل آهن، انهن جو ايجنڊا اسان وانگر پاڪستان آهي، اهو تمام سٺو سنئوڻ آهي، کين ان ۾ ڪا دلچسپي ناهي ته ڪير حڪومت ۾ اچي ٿو يا ڪير اپوزيشن ۾ آهي. اسحاق ڊار چيو ته سندس برطانيا جو دورو پاڪستان لاءِ فائديمند رهيو، برطانوي پرڏيهي وزير سان هاڪاري ملاقات رهي.  هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ٽيم جي  ڪوششن سبب پاڪستان جي عالمي اڪيلائي ۾ وڃڻ جي دعوا غلط ثابت ٿي آهي. عمران خان خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ بابت سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ڪو به نئون قانون ناهي ٺاهيو، عمران خان سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو قانون موجب ٿي رهيو آهي، جڏهن سڪيورٽي اثاثن  تي حملن جي ڳالهه اچي ٿي ته اهو معاملو فوج جي قانون تحت اچي ٿو، آئون اڳڪٿي نٿو ڪري سگهان ته ڇا ٿيندو، پر مان اهو چئي سگهان ٿو ته هن جو ڪيس قانون موجب اڳتي وڌندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي، ڇو ته 9 مئي جي فسادن کانپوءِ حڪومت جا هٿ ٻڌل آهن. هن چيو ته  نواز شريف جي غير سرگرم  هجڻ واري تاثر غلط آهي، نواز ڱشريف وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مسلم ليگ ن جي ٽيمن سان رابطو ڪري پنهنجون صلاحون ۽ سفارشون پيش ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.