عوامي تحريڪ پاران ارسا ايڪٽ ۾ رٿيل ترميم خلاف لاڙڪاڻي ۾ ريلي، ڌرڻو

لاڙڪاڻو (پ ر)ارسا ايڪٽ ۾ رٿيل ترميم خلاف عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، ريلي  جناح باغ چوڪ ۽ رائيل چوڪ کان ٿيندي لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي احتجاجي ڌرڻو هنيو. احتجاجي ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪئي. احتجاجي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، ماهنور ملاح، ذوالفقار ميراڻي، محمد خان چانڊيو، قادر ڀٽو، محبوب رڪ راهوجو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عاطف ملاح ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته پنجاب جي ڀڙڀانگ زمين آباد ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾  ترميم ڪئي پئي وڃي. ارسا ايڪٽ ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جهڙا ڪارا قانون سراسر سنڌ دشمن آهن. جن کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. هنن چيو ته هڪ طرف ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وسيلي سنڌو درياهه تي مڪمل قبضو ڪيو پيو وڃي. ارسا ايڪٽ ترميم درياه مٿان ڌاڙو آهي. ارسا ايڪٽ ترميم وسيلي سنڌ جي وجود کي ميسارڻ جي خطرناڪ سازش ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته صدر آصف زرداري ارسا ايڪٽ ترميم ۾ مک ڪردار ادا ڪري سنڌ جي وجود مٿان قھري وار ڪيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌي عوام اڳيان ڍونگ رچايو آهي. صدر آصف زرداري جي رضامندي سان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. پيپلز پارٽي جا اڳواڻ سنڌي عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن. خورشيد شاهه سميت پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائندا اسيمبلين ۾ تقريرون ڪري عوام کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ارسا ايڪٽ ترميم وسيلي ارسا کي وفاقي اداري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.