حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ، سنڌو درياهه تي ڊيمن جي اڏاوت ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪندي ان عمل خلاف 22 سيپٽمبرتي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ 20 آڪٽوبر تي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊئي حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نواز شاهه ڀاڏائي، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، امجد شورو، سوڍو رتن ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هن چيو ته ملڪ جي فيڊريشن جي سموري ڄمار سنڌ ۽ مظلوم قومن سان ڏاڍ، جبر ۽ ظلم تي ٻڌل آهي. سنڌو درياهه تي ڌاڙن ۽ پاڻي معاهدن جي توهين، غيرقانوني قبضن، ڊيمن جي اڏاوت ۽ ڪئنال جوڙائڻ جو هڪ ڊگهو داستان آهي. هن چيو ته پاڻي جو 1991ع وارو ٺاهه ميان نواز شريف جي دور ۾ ٿيو پر ان ٺاهه تي به عمل نه ڪيو ويو ۽ پهرين ڏينهن کان وٺي ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو. 1994ع ۾ بينظير ڀٽو پنجاب کي خوشحال ڪرڻ لاءِ 1991ع واري ٺاهه کان هٽي وزارتي فارمولي تحت سنڌ جو پاڻي پنجاب حوالي ڪيو ۽ اڄ ڏينهن تائين ان فارمولي تحت پاڻي جي ورهاست ٿي رهي آهي. ان سڄي عمل خلاف 22 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ۽ 20 آڪٽوبر تي شٽربند هڙتال ڪئي ويندي. جدوجهد کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ لاءِ سياسي اڳواڻن، اديبن، صحافين، وڪيلن، شاعرن، واپارين، استادن ۽ مزدورن سميت زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهوءَ وٽ وينداسين ۽ سنڌي قوم کي متحد ڪري سنڌ جي وسيلن تي قبضي واري عمل خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي.