ارسا ايڪٽ تي گڏجاڻي ۽ هدايتون جاري ڪرڻ ايوان صدر جو اختيار ناهي

ڪراچي (م ڊ) تجزئي نگار نصير مرزا چيو آهي ته هاڻوڪي حڪومت کان اڳ نگران دور ۾ ارسا ايڪٽ جي حوالي سان آرڊيننس آندو ويو هو جنهن ۾ چيئرمين جا ايترا اختيار نه هئا جو ماهرن جي ڪاميٽي ٺاهي ۽ اها ڪاميٽي پاڻي ورڇ بابت هدايتون ڏئي، اهڙي ڪاميٽي جي ڪا قانوني حيثيت ناهي ۽ ارسا چيئرمين ٿاڦيل آهي ڇو ته وزيراعظم فرد طور ان کي مقرر ڪندو. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ماهرن جي ڪاميٽي ۾ صوبن جي نمائندگي به ناهي ڄاڻائي وئي جڏهن ته ارسا ڪاميٽي جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي پابند هوندي، ان جو غلط فائدو ورتو ويندو. اهڙن معاملن تي ايوان صدر جو اختيار ناهي ته گڏجاڻيون ڪري ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندڙ ڪمپني سان گڏجاڻي جا منٽس جاري ڪيا وڃن، اها ڳڻتي جي ڳالهه آهي. سي سي آءِ ۾  صوبن جا وڏا وزير ويٺا آهن، ايوان صدر جي ميٽنگ جا منٽس انهن کي به مليا هوندا پر جيڪڏهن مٿان کان حڪم ايندا ته پوءِ اهو معاملو طئي ٿي ويندو. ميزبان محسن ٻٻر چيو ته سنڌ سرڪار ترميمن جي ڊرافٽ جي حوالي سان ڪو رد عمل ناهي ڏنو. ايوان صدر کي خواهش آهي ته ارسا چيئرمين ننڍي صوبي هجي. نصير مرزا جواب ڏنو ته ارسا جو چيئرمين هن وقت به بلوچستان جو آهي ان سان ڪو فرق نه پوندو ته ارسا چيئرمين سنڌ جو هجي. ننڍا صوبا ماتحت هجڻ ۾ وڌيڪ سولا آهن ڪو به ڊمي چيئرمين ويهاري سگهجي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.