سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي: صنعان قريشي

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آھي ته ڪالاباغ ڊيم کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو آھي پر پنجاب صوبي کي خوش ڪرڻ لاءِ ۽ ھن جي بنجر پيل زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا سازش ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، سنڌ جا ماڻھو اڄ به بکن ويلي پنھنجا ٻچا روڊن تي وٺيو بي يارو مددگار ويٺل آھن پر اسانجا حڪمران سندن ڪابه سار لھڻ لاءِ تيار نه آھن. اھڙي خيالن جو اظھار ھن جسقم ضلعي ٽنڊو محمد خان جي صدر ظھورھاليپوٽو جي ڀاءُ جي  عذر خواهي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام کي پنھنجي جياپي لاءِ روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ پنجاب جي رسته روڪ ٿي ويندي سنڌ جي حڪمرانن کي گھرجي ته سنڌ جي عوام سان گڏ بيھن جئين ته جسقم بشير خان گروپ ھميشه سنڌ جي عوام سان گڏ رھيو آھي.

ان موقعي تي جسقم اڳواڻ غلام نبي کٽي، نوراحمد ھاليپوٽو، مير عمران ٽالپر، عنايت ڪنڀار ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

  1. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم پارليامينٽ ڪندي: ڪوهستاني

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني اعتراف ڪيو آهي ته گرين انيشيٽو منصوبو تحت پنجاب چولستان جي 9 لک ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي. جڏهن ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان به زمينون آبادي لاءِ ڏئي رهيا آهن. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم پارليامينٽ ڪندي ۽ مسلم ليگ(ن) جي حڪومت تيستائين ترميم نٿي ڪري سگهي جيستائين پيپلزپارٽي ان ترميم ۾ شامل نه هجي. حيدرآباد ۾ پارٽي اڳواڻ مير ياسر ٽالپر جي گهر تي پريس ڪانفرنس ڪندي کيئل داس ڪوهستاني چيو ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺهيو آهي ۽ نه ٺهڻ ڏينداسين. پ پ جي مدد کانسواءِ پارليامينٽ آئين ۾ ڪا به ترميم نٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي وري ڪو بل پاس ڪري سگهي ٿي. هو صحافي جي ان سوال جو جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو ته گرين انيشيٽو منصوبي لاءِ ملندڙ زمين کي پاڻي ڪٿان حاصل ٿي سگهندو. هن پريس ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته جلد ئي پي ٽي آءِ ٽڪرن ۾ ورهائجڻ واري آهي. اڳ ئي ان جا 4 ٽڪرا ٿي چڪا آهن. پي ٽي آءِ جو سربراهه اسرائيلي ايجنڊا تي عمل پيرا هو جڏهن ته مسلم ليگ(ن) جي حڪومت هر دور ۾ ملڪ جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪيا ۽ موٽرويز جو ڄار وڇائي عوام کي رليف فراهم ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.