تعليمي ادارن ۾ پهريان قتل ڪيئن ۽ ڪنهن ڪنهن ڪيا؟

تحرير: احمد خان جمالي

سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد 3 نومبر 1968 تي حيدرآباد ۾ سنڌ اسٽوڊنٽس ڪنوينشن ڪوٺائي، عمل ۾ آندو ويو.  ڄام ساقي  صدر ،نديم اختر، اعجاز احمد قريشي نائب صدر، ( ٽين نائب صدر جو نالو ياد  ناهي) مير ٿيٻو  جنرل سيڪريٽري،  شاھ محمد شاھ، مسعود پيرزادو ۽ شهزادو شيخ  جوانٽ سيڪريٽري ،عبدالحئي پليجو  سوشل سيڪريٽري، مهر حسين شاه پريس سيڪريٽري، ايوبي آمريت جي خاتمي کان پوءِ مارچ 1969 ۾ يحييٰ خان جي مارشل لا لڳي.  حيدرآباد ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولا جي بنگلي تي سائين جي ايم سيد جي اڳواڻي ۾  ون يونٽ جي خلاف سنڌ متحده محاذ قائم ڪيو ويو، جنهن  ۾ مختلف سياسي پارٽين سان واسطو رکندڙ اڳواڻ شامل هئا.  ان تقريب ۾ ٻين سڀني سياسي اڳواڻن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر،  انهن پنجن شخصيتن کي شامل نه ڪرڻ جو  به فيصلو ڪيو ويو هو جن ون يونٽ مڙھڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ويو هو. جن ۾ پير علي محمد راشدي، ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، قاضي اڪبر ۽ غلام نبي ميمڻ شامل هئا.پر ڪجھه ڏينھن اندر ئي سائين جي ايم سيد  انهن کي به ان گڏيل محاذ ۾ شامل ڪيو. جنهن تان اختلاف پيدا ٿيا ۽ اڳتي هلي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن مان ڪجھه دوست اعجاز احمد قريشي، شاھ محمد شاھ ۽ عبدالحئي پليجو اختلاف ڪري سائين جي ايم سيد جي فيصلي کي قبول ڪري الڳ ٿي ويا.

ان موقعي تي جيئن ته چونڊن جي سلسلي ۾ ووٽر لسٽون ٺھڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان وقت سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن، ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ آزاد اسٽوڊنٽس فيڊريشن  سرگرم هيون ۽ سڀني مطالبو ڪيو ته ووٽر لسٽون سنڌي زبان ۾ به شايع ڪيون وڃن.پر ان سلسلي ۾ سڀ کان اول آزاد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي صدر لالا قادر حيدرآباد ۾ اولڊ ڪيمپس ۾ بک هڙتال تي ويھڻ جو اعلان ڪيو. لالا جي بک هڙتال تي ويھڻ کان پوءِ مٿي ذڪر ڪيل چئني شاگرد جماعتن جي اڳواڻن گڏجي اسٽوڊنٽس هاءِ ڪمانڊ ٺاهي ۽ ڄام ساقي ۽ مسعود نوراني وارن جي طرفان ان تحريڪ ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ سنڌي زبان کي قومي زبان جو درجو ڏيڻ جا نقطا به شامل ڪيا.  ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سخت بيمار ھجڻ جي باوجود به بک هڙتالي شاگردن وٽ وڃي پريس ڪانفرنس ڪري ان جدوجهد جي حمايت جو اعلان ڪيو،  جڏهن ته قاضي فيض محمد ۽ غلام محمد لغاري پڻ شاگردن سان بک هڙتال ۾ شامل ٿي ويا ، پر ان موقعي تي سائين جي ايم سيد خاموشي اختيار ڪئي،  سائين جو موقف هو ته تحريڪ ۽ هنگامن جو فائدو وٺي ڪٿي يحييٰ خان چونڊون ملتوي نه ڪري.  سائين جو موقف هو ته چونڊون هر حال ۾ ٿيڻ گهرجن ڇاڪاڻ جو چونڊن ۾ شيخ مجيب الرحمٰن جي پارٽي عوامي ليگ جيئن ته اڪثريت حاصل ڪندي ته پاڻ کي به فائدو ٿيندو ۽ ون يونٽ به ٽٽي ويندو.  پر جيئن ته ان تحريڪ جي نتيجي ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان به ڪيو ويو ته ووٽر لسٽون سنڌي زبان ۾ ڇاپڻ جو اعلان به ڪيو ويو، ان ڪري سائين جي ايم سيد جي سربراهي ۾ قائم ڪيل محاذ جي اهميت به ختم ٿي وئي،  ڇاڪاڻ جو اهو محاذ ٺاهيو ئي صرف ون يونٽ کي ٽوڙڻ جي لاءِ هو.  سائين جي ايم سيد کي سياسي لحاظ کان نقصان پهتو.

ان وقت سائين جي ايم سيد جيڪو موقف اختيار ڪيو ان سان اختلاف ته ڪري سگهجي ٿو پر سائين جي نيڪ نيتي ۽ سنڌ سان سچائي تي شڪ نٿو ڪري سگهجي. ان ڪامياب جدوجهد کان پوءِ لالا قادر جي آزاد اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ عزيز ميمڻ جي ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي گڏائي سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺاهي وئي جيڪا پيپلزپارٽي پارٽي جي سنڌ ۾ حمايتي شاگرد تنظيم هئي.

1970 ۾ چونڊون ٿيون، پوءِ جيڪو ڪجھه ٿيو سڀني جي اڳيان آهي. شاگردن جي ان ڪامياب جدوجهد کان پوءِ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان عليحدگي اختيار ڪندڙ دوستن ۽ ڪجھه ٻين سرگرم ۽ سائين جي ايم سيد کي پنهنجو سياسي رهبر سمجهندڙ شاگردن گڏجي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺاهي. جنهن جو صدر اقبال ترين ۽ شاھ محمد شاھ جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا.

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ ڪجھه انتهائي سنجيده شاگرد به شامل هئا ته ڪجھه غيرذميدار ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ وارا به شامل هئا.

يوسف جکراڻي ، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ به شامل هو ته هو سائين غلام مصطفيٰ شاھ جي اثر هيٺ به هو ته ساڳي وقت ممتاز ڀٽي سان به ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڳنڍيل هو. عبدالغني درس انجنيئرنگ ڪاليج اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري هو.  شاھ نواز شاهه به انجنيئرنگ ڪاليج جو شاگرد هو. سائين جي ايم سيد جو عزيز به هو.شاھ نواز شاهه ، اسرار سرڪي جو دوست هو.  اسرار سرڪي ۽ يوسف جکراڻي ساڳي ڳالھه هئا ، جهيڙي بابت باقي جيڪو ڪجھه ذوالفقار قادري لکيو آهي، اهو درست آهي.

سائين علي مردان شاهه ۽ جان احمد انجنيئرنگ ڪاليج جا شاگرد هئا.  جان احمد پنهنجي غريب والدين جو اڪيلو پٽ هو. جڏهن ته سائين علي مردان شاه جو به ٻيو صرف هڪ ڀاءُ هو، جيڪو ”مجذوب “ هو.  عبدالمجيد جمالي جو تعلق جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان هو ۽ مٿس حملو ڪندڙن يعني يوسف جکراڻي وارن جو تعلق به جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان هو.  ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان وقت جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ جتي امان الله شيخ جهڙا سنجيده ۽ سلجهيل شاگرد به شامل هئا ته ” ٻئي“ قسم جا شوباز، ۽ هڪلڙا ماڻهو به شامل هئا.بهرحال جيڪو ڪجھه ٿيو، ڪاش اهو نه ٿئي ها.  ان کان پوءِ به جيڪو ڪجھه ٿيندو رهيو ۽ جنهن بيدردي سان يوسف جکراڻي کي ماريو ويو، ڪاش اهو به نه ٿئي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.