بلوچستان بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي ۽ بلوچن جي مقدر جي لڪيرن ۾ سالن کان ويڙهه، لاشن جي راند ۽ رت جي وهندڙ ڌار ئي لکيل آهي. بلوچستان جا ڏک ڪڏهن ختم ٿيندا ۽ مملڪت خداداد پاڪستان جو هي ناراض صوبو پرچي ڪڏهن پنهنجي سُکي ستابي توڙي پرامن زندگي گذارڻ شروع ڪندو، ان پهر جو اچڻ في الحال ته ڪنهن خواب کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ۽ اها به حقيقت آهي ته انهيءَ خواب جي ساڀيان ڪڏهن به جلد کان جلد نه ٿي سگهندي، ڇاڪاڻ ته بلوچستان هن رياست کان ايترو ته ناراض ٿي چڪو آهي، جو اها ناراضگي هاڻي نفرت ۾ بدلجي وئي آهي ۽ جيڪا نفرت في الحال ڪنهن محبت جو روپ اختيار نه ٿي ڪري سگهي.
ان حوالي سان اهي ڪيئي سوال پيدا ٿين ٿا ته آخرڪار بلوچستان پنهنجون هڙئي ناراضگيون ختم ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟ ڇوجو عام طور تي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته هنن موجوده ڏهاڙن دوران ناراض بلوچستان اهڙي ناراضگي نه ٿو ڇڏي سگهي ۽ ان ڳالهه کي بلوچستان جا اصل وارث يعني بلوچ عوام بهتر طريقي سان ڄاڻي به ٿو. هي معاملو هڪ قوم جي ڪيترن ئي نسلن سان لاڳاپيل سندن بنيادق حقن، ڌرتيءَ جي حقيقي مالڪي، وارثي، ڌرتيءَ جي وسيلن جي مالڪي، بلوچستان جي قدرتي ذخيرن ۾ نڪرندڙ ڪوپر، ليٿيم ۽ سون، پنهنجي ڌرتيءَ تي مڪمل خودمختياري، انساني حقن، عالمي قانونن ۽ ملڪي آئين تحت پنهنجي ڌرتيءَ تي مڪمل اختيار هئڻ ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي مڪمل طور تي آزاديءَ سان رهڻ جو معاملو آهي. بلوچن کي سندن بنيادي حقن، پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي وسيلن تي وارثيءَ جون واڳون هٿن ۾ نه ٿيون ڏنيون وڃن. جيڪڏهن بنيادي حقن، ڌرتيءَ ۽ وسيلن جي مالڪي بابت پنهنجي رياست سان ڳالهايون ٿا ته ملڪي حڪمران توڙي رياست جا ذميوار ادارا اسان جي موقف کي به سنجيدگيءَ سان نه ٿا ٻڌن ۽ نه ئي وري اسان جي شڪايتن ۽ مطالبن کي تسليم ڪيو وڃي ٿو.آخر اسان بلوچ ڪنهن سان ڳالهايون ۽ ڪنهن کي چئون. ڏٺو وڃي ته بلوچن جون اهڙيون شڪايتون، مطالبا ۽ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي وزن رکن ٿيون ۽ حق بجانب به آهن. وري ٻئي پاسي ڏسجي ٿو ته بلوچن تي ملڪ دشمني، دهشتگردي ۽ باغي هئڻ جا الزام به آهن، جن الزامن جي بنيادن تحت اسان جا حڪمران، رياست جا ادارا ۽ سرڪاري ڌريون بلوچن سان هڪ ٽيبل تي ويهي ڳالهائڻ لاءِ به بلڪل تيار ناهن ۽ نه ئي وري هو کين پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
ان حوالي سان ڪجهه مهينا اڳ ۾ هزارين بلوچ عورتون، ٻارڙا توڙي مرد ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي اڳواڻيءَ ۾ بلوچستان کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪري پهتا، جتي اسلام آباد ۾ اچڻ واري پنڌ دوران ئي انهن هزارين بلوچ نياڻين، ٻارڙن، پوڙهن ۽ نوجوانن کي تمام گهڻيون تڪليفون ڏسڻيون پيون، فورسز سندن راهه ۾ رڪاوٽون وجهندي رهي ۽ ملڪ جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ نه وڃڻ لاءِ سندن رستاروڪ ڪئي وئي. حقيقت ۾ هن ملڪ جي حڪمرانن، رياست جي ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن جو اهو عمل به بهتر نه هيو. ڇوجو هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته بلوچ نياڻين، ٻارڙن، پيرسن ماڻهن ۽ نوجوانن جي ان مارچ کي روڪڻ سان اقتدار جي وارث حڪمرانن کي آخر ڪهڙو نقصان پهچي رهيو هيو؟ ڇا بلوچ نياڻيون، ٻارڙا، پيرسن ۽ نوجوان حڪمرانن جي اقتداري تخت کي اونڌو ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پئي آيا؟ ائين هرگز نه هيو، بلڪه مارچ ڪندڙ اهي بلوچ نياڻيون، ٻارڙا، پيرسن ماڻهو ۽ نوجوان ته پنهنجي ئي ملڪ جي حڪمران جماعت ۽ رياست جي ذميوار ادارن سان ڪي پنهنجا ڏک ۽ سور اورڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ اسلام آباد پئي آيا ۽ انهن بلوچن جو اهو موقف هو ته ملڪ جي اقتدار جون والي وارث ڌريون بلوچن جون دانهون ۽ شڪايتون ٻڌن ۽ پوءِ انهن دانهن ۽ شڪايتن جو ازالو ڪن.
بلوچستان جي وسيلن تي کين مالڪي ڏين، سندن گم ٿيل سوين نوجوان بازياب ڪرائي ڏين ۽ بلوچن کي بلوچستان ۾ خودمختياري سان رهڻ ڏنو وڃي ۽ کين پرامن زندگي گذارڻ جا هڙئي آئيني حق ڏنا وڃن. اهوئي سبب هيو جو ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سوين ماڻهن سان گڏجي اسلام آباد آئي هئي.پر حڪومت جو ڪوبه ذميوار فرد احتجاجي ڪيمپ تي بلوچ نياڻي ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سان گڏ ويٺل بلوچستان واسين وٽ نه ويو ۽ نه ئي وري سندس جو موقف ٻڌو ويو. جنهن تي بلوچستان جي ماڻهن ۾ وڌيڪ ڪاوڙ پيدا ٿي وئي. اهڙي صورتحال کانپوءِ بلوچستان جي حوالي سان معاملا بهتر ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿيندي نظر اچي رهيا آهن ۽ بلوچستان ۾ هاڻوڪن هلندڙ ڏينهن دوران هڪ نئون آپريشن شروع ٿي ويو آهي، جنهن جي ردعمل ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اختر مينگل قومي اسيمبلي جي سيٽ تان احتجاجن اسعتيفيٰ ڏئي دبئي روانو ٿي ويو آهي. هاڻي جڏهن وقت جا حاڪم ۽ رياست جي ادارن جا ذميوار فرد پاڪستان جي آئين کي اهميت نه ڏيندا ۽ ناراض بلوچستان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري بلوچستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي مثبت قدم نه کڻندا ته پوءِ آخر ڪير کڻندو؟