وچ اوڀر جنگ ۾ سعودي عرب  ڪھڙي پاسي ٿي سگھي ٿو

آمريڪا وچ اوڀر ۾ ٻھ رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو پر اسرائيل اڃان تائين ضد ڇڏڻ لاءِ تيار نھ آھي،ٻئي پاسي سعودي عرب اھڙي صورتحال ۾ اچي ڦاٿو آھي جو صورتحال مان لڳي ٿو تھ يا تھ ھو فلسطين جي رياست جي قيام جي حمايت ڪري سگھي ٿو يا وري اسرائيل کي ئي تسليم ڪري سگھي ٿو.خطي ۾ جنگ جاري آھي،ٽياڪڙي جون رسمي ڪوششون بھ جاري آھن، پر ھن وقت تائين ڪا بھ وڏي اڳڀرائي سامھون نھ آئي آھي.

آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ جنگبندي سان گڏ، جنوري ۾ نئين آمريڪي صدر جي اچڻ کان اڳ سعودي عرب امڪاني طور تي اسرائيل کي تسليم ڪري سگهي ٿو. هيٽي ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي  بلنڪن چيو ته جيڪڏهن جنوري کان اڳ غزه ۾ جنگبندي ٿي وڃي ٿي ته سعودي عرب جي اسرائيل سان لاڳاپن معمول تي اچڻ جو ھڪ موقعو اڃا به موجود آهي.آمريڪي پرڏيهي وزير جي تازي بيان تي سعودي عرب طرفان ڪو به ردعمل سامهون نه آيو آهي پر ان حوالي سان سعودي عرب جو ماضي ۾ اهو موقف رهيو آهي ته فلسطين مسئلو حل ٿيڻ تائين اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري سگهجي.گذريل سال آڪٽوبر کان وچ اوڀر ۾جاري جنگ ۾ لڳ ڀڳ 40 هزار فلسطيني شهيد ۽ 90 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

اسرائيلي وزير ايلي ڪوهن چيو آهي ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي بدلي ۾ سعودي عرب سان لاڳاپا قائم نه ڪيا ويندا.اسرائيلي وزير چيو ته علائقائي لاڳاپا وڌائڻ جي قيمت فلسطيني رياست جو قيام ھوندو تھ اھا قبول ناهي.ايلي ڪوهن چيو ته رياست قائم ڪرڻ کانسواءِ سعودي عرب سان امن معاهدو ممڪن آهي.ھن کان اڳ آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو هو ته سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اسرائيل جو وجود برقرار رکڻ لاءِ ٻه رياستي حل ضروري آهي.هڪ انٽرويو دوران آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو ته هو قطر سميت 6 عرب ملڪن سان رابطي ۾ آهن.هن چيو ته غزه ۾ جنگبندي اسان کي ان طرف وڌڻ جو موقعو فراهم ڪندي جنهن لاءِ ڪيترائي عرب ملڪ تيار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.