مينگل صاحب سان سياسي مسئلو ٿي ويو، استعيفيٰ واحد رستو هو: خورشيد شاهه

سکر (م ڊ) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته بلوچستان ۾ هڪ عورت سياسي طور تي مضبوط ٿي وئي آهي، ان لاءِ مينگل  صاحب وٽ اهو ئي رستو هو ته هو استعيفيٰ ڏئي ٻڌائي ته هو بلوچن سان گڏ آهي ۽ مان ته اهو چوندس ته کيس بلوچن جو ساٿ ڏيڻ به گهرجي ڇو ته بلوچستان، پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ئي پاڪستان آهن. اهڙن خيالن جو اظهار خورشيد شاهه سکر ۾ يوم دفاع جي تقريب کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام جو سربراهه مولانا فضل الرحمان نه اسان کان ڪاوڙيل هو ۽ نه آهي، نه ڪاوڙبو. خورشيد شاهه نيب بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ساراهيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو سٺو آهي، ان جا اسان جي معيشت تي مثبت اثر پوندا. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته منهنجي صحت ٺيڪ نه هجڻ سبب جلد علاج لاءِ پرڏيهه روانو ٿيندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.