اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي چيئرمين سينيٽ ۽ پيپلز پارٽي جي سينيٽر ميان رضا رباني چيو آهي ته بلوچستان جي مسئلن جو مستقل حل پارليامينٽ ۾ آهي. اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ ميان رضا رباني چيو ته بلوچستان جي معاملي تي اي پي سي نه پر پارليامينٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرايو وڃي ۽ بلوچستان جي معاملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. حڪومت ۽ پارليامينٽ آغاز حقوق بلوچستان پيڪيج جو جائزو وٺن. هن چيو ته صوبن کي مسئلا پارليامينٽ کان ٻاهر غور هيٺ نه اچڻ گهرجن.