ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر ) قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌ جي زراعت کي تباھه ڪرڻ لاءِ وري پاڻي تي ڌاڙي هڻڻ جي سازش ڪئي وڃي پئي ، اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان ۾ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر سرفراز احمد ڀٽي جي وفات سلسلي ۾ سندس فرزند حسين ڀٽي سان عذر خواهي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ، هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم کي سنڌ سميت ملڪ جا 3 صوبا رد ڪري چڪا آهن جنهن جي باوجود صرف پنجاب جي غيرآباد زرعي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ وري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پئي ، جنهن کي سنڌ سميت 3 صوبا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا ، سنڌ جي عوام پنهنجي پاڻي واري جياپي جي حق لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ سان جدوجهد ڪئي آهي وري سنڌ جي عوام کي پنهنجي جياپي لاءِ روڊن رستن تي اچي مجبور ٿي احتجاج ڪرڻو پوندو ، پاڻي جي حق تي ڌاڙي هڻڻ سان سنڌ جي زراعت مڪمل تباھ ٿي ويندي ، سنڌو دريا ۾ پنهنجي حصي جو پاڻي جيڪو اڳ ئي چوري ڪيو وڃي ٿو اهو وري وڌيڪ بند ڪري سنڌ جي اندر ڏڪار واري صورتحال پيدا ڪئي ويندي ، جنهن جي خلاف هاڻي روڊن رستن تي احتجاج ڪرڻ بجاءِ ايوانن جي آڏو احتجاج ڪيو ويندو ، پنجاب جا رستا بند ڪيا ويندا ۽ سنڌ جي خلاف هاڻي ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪيو ويندو ، ٻي طرف ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جسقم ( بشير قريشي گروپ) جي ضلعي صدر ظهور هاليپوٽو سان سندس ڀاءُ مرحوم رفيق هاليپوٽو جي وفات ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر اقبال حاجاڻو سان سندس ڀيڻ جي وفات تي الڳ الڳ عذر خواهي ڪئي