حڪومت جي اپيل تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو اين آر او 2 هو: شبلي فراز

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز نيب ترميمي ڪيس جي فيصلي کي اين آر او 2 قرار ڏيندي چيو آهي ته فارم 47 وارا عوامي نمائندا نه آهن، اهي قانون سازي سان ڇا ڪندا، فيصلو ۾ کڻي وينداسين. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر شبلي فراز نيب جي ترميمن جي بحالي واري فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته فيصلو حڪومتي اپيل تي ڏنو ويو، فيصلو اين آر او 2 هو، ڪيس عوام ۾ کڻي وينداسين. حڪومت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته هي اهي قانون ٺاهيندا جنهن سان چورن ۽ غير آئيني ماڻهن کي تحفظ حاصل هوندو، هي جعلي پارليامينٽ ٺاهي وئي آهي، هي ماڻهو عوام جا نمائندا نه آهن. اين آر او 2 ٻيهر لاڳو ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ سياسي جدوجهد جاري رکندي، 8 سيپٽمبر تي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ٿيندو.

  1. بنا اجازت  جلسي تي ٽيپ، سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ به بل منظور

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي به اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل ۽ اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ۽ عام امن بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتا آهن. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق  جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وزير اعظم نذير تارڙ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024ع منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. اسپيڪر ووٽنگ ڪرائي، جنهن کانپوءِ بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. هي بل اڳ ئي سينيٽ مان منظور ٿي چڪو آهي. مسلم ليگ ن جي ميمبر دانيال چوڌري ضمني ايجنڊا طور اسلام آباد پرامن ميڙاڪن ۽ عام امن بابت بل منظوري لاءِ پيش ڪيو. پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل بل جي سخت مخالفت ڪئي پر بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. سني اتحاد ڪائونسل ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ نو نو جا نعرا هنيا. بل ۾ چيو ويو آهي ته غير قانوني جلسي جي ميمبرن کي گرفتار ڪري نظربند ڪري سگهجي ٿو، غير قانوني جلسي ميمبر کي ٽن سالن تائين قيد جي سزا ڏني ويندي.

  1. سياستدان قومي اتفاق راءِ لاءِ ڪردار ادا ڪن: چوڌري شجاعت

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته قومي اتفاق راءِ لاءِ سمورا سياستدان گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته سمورا سياستدان ذاتي مفادن ۽ تعصبن کي ڇڏي قومي مفادن کي اوليت ڏين. هن چيو ته سوچڻ گهرجي ته قومي اتحاد ۽ اتفاق راءِ تي پارليامينٽ ۾ ڪيترو وقت ڳالهايو ويو آهي، حالتن جي گهرج آهي ته پاڪستان کي گڏجي اڳتي وڌايو وڃي. اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هجي.

  1. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثا، ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 2 فوت ھڪ ڄڻو زخمي ٿيو. ماڙيپور گريگس خلفاءِ راشدين مسجد جي ڀرسان روڊ حادثي ۾ نامعلوم شخص  فوت ٿي ويو ۽ يار محمد ولد جمال زخمي ٿيو. لانڍي جي علائقي مجيد ڪالوني ۾ مسافر بس جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 7 سالن جو ٻارڙو محمد احمد فوت ٿي ويو آهي. پوليس ذريعن موجب ڪوچ ڊرائيور کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي .

  1. رينجرز اهلڪار جي قتل ۾ ملوث گينگ وار جو اهم ڪمانڊر گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) رينجرز اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ لياري گينگ وار جي اهم ڪمانڊر کي گرفتار ڪيو ويو، ترجمان ڊي آءِ جي ڏکڻ موجب گرفتار جوابدار لياري گينگ وار عبدالجبار عرف جنگو گروپ جو اهم ڪمانڊر آهي گرفتار جوابدار وٽان هڪ پستول، گوليون، موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي، گرفتار جوابدار رينجرز اهلڪار جي قتل ۾ ملوث آهي. 13 مارچ 2018ع تي هن ۽ سندس ساٿين بغدادي ٿاڻي ۾ فواد حسين نالي هڪ رينجرز اهلڪار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان دوران جوابدار جا 3 ساٿي مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. جوابدار قتل، قتل جي ڪوشش، پوليس مقابلي، ڌماڪيدار مادو ۽ غيرقانوني هٿيارن جي فراهمي ۾ ملوث آهي، مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار کي مختلف ٿاڻن جي پوليس 10 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتار ڪري جيل موڪلي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.