ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر پير سيد صدر الدين راشدي چيو آهي ته پاڪستان جي فوج ۽ عوام هڪ جان ۽ جسم آهي، ملڪ جو نوجوان طبقو سوشل ميڊيا تيملڪ جي فوج جي حوصلا افزائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، حر مجاهد فورس فوج جو هڪ اهم دستو آهي، جنهن 65 جي جنگ ۾ ڀارت کي رڻ ڪڇ ۾ تاريخي شڪست ڏني، هن اها ڳالهه ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب م فنڪشنل ليگ طرفان 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي موقعي تي 65 جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ حر فورس جي ڪردار جي موضوع تي هڪ جلسي کي صدارتي تقرير ڪندي چئي. هن چيو ته جيڪو به پاڪستان ۽ ان جي فوج خلاف سازش ڪندو ان جو حشر به 65 جي جنگ جهڙو ٿيندو، پاڪستان هڪ فيڊريشن آهي، ان جي مضبوطي لاءِ مضبوط فوج جو ڪردار ضروري آهي. جن فوج کي بدنام ڪيو آهي اهم عهدن تي ويٺا آهن، جن هن اداري کي ڍال بڻائي استعمال ڪيو ۽ هاڻي انهن کي به سوچڻو پوندو. صدرالدين راشدي چيو ته فرنگي سامراج خلاف حر مجاهدن وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ ملڪ ٺهڻ بعد هنن پاڪ فوج جو ساٿ ڏنو آهي، اڄ انهن کي پڌرو ڪرڻو پوندو جيڪي پاڪ فوج کي بدنام ڪري رهيا آهن. وڏن عهدن تي اهي ويٺل آهن، جن جي ڪابه تاريخ موجود نه آهي. جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته ارسا ايڪٽ ۽ ڊي ايڇ اي ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ سان ملڪ ڪمزور ٿيندو. هن چيو ته ملڪ ۾ آهستي آهستي ننڍن صوبن جي نمائندگي ختم ٿي رهي آهي، 65 واري جنگ ۾ حرن جي بهادري ۽ ڪردار بابت نئين نسل کي معلومات نه آهي جنهن کان انهن کي آگاهه ڪرڻ گهرجي ته رڻ ڪڇ ۾ پير صاحب پاڳاري پنهنجي ڪئمپ قائم ڪري ڀارت خلاف حر فورس جي جنگ جي اڳوڻي ڪئي هئي، سنڌ جي اڳوڻي نگران گهرو وزير ريٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز چيو ته جيڪي ڪجهه بلوچستان ۾ ٿي رهيو آهي، اها هڪ سازش آهي، 65 جي جنگ ۾ پاڪ فوج جو تعداد گهٽ هو پر حر فورس سنڌ جي سرحدن تان ملڪ جي حفاظت ڪئي، جيستائين عوام ۽ فوج گڏ آهي تيستائين هن ملڪ جي سرحدن کي ڪوبه خطرو نه آهي. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم، صحافي صفدر ڀائي، فقير غلام نبي مڱريو ۽ بئريسٽر ارشد شر چيو ته حرن 65 جي جنگ ۾ پاڪ فوج ڀارت جي 16 هزار فوٽ زمين تي قبضو ڪيو، جنهن مان 12هزار فوٽن تي حر مجاهدن قبضو ڪيو هو، ۽ ڪشن ڳڙهه تي پاڪستان جو جهنڊو هنيو هو، حرن جي جدوجهد ڪري ملڪ وجود ۾ آيو، جنهن جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت پير سائين پاڳاري صاحب ڪئي ۽ 65 جي جنگ ۾ پنهنجي جنگي حڪمت عملي جوڙي حر فورس جي اڳوڻي ڪئي، اڄ به حر فورس ملڪ جي حفاظت لاءِ زنده آهي. جلسي ۾ ڪراچي پريس ڪلب پاران ڪلب جي گورننگ باڊي جي اڳوڻي ۾ يونس سائين پير صدرالدين راشدي ۽ ٻين مهمانن کي گلن جو دستو پيش ڪري اجرڪ پارايا.