ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران يوم دفاع جي موقعي تي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ مقامي هوٽل ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن جا خاص مهمان شهيدن جا وارث هئا. ان موقعي تي صوبائي ڪابينا جا ميمبر، هٿياربند فوج جا سينئر آفيسر، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه، سول سوسائٽي جا نمائندا، شوبز ۽ اسپورٽس جون شخصيتون شريڪ ٿيون. توانائي، منصوبابندي ۽ ترقيات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڊجيٽل دهشتگردي کان مايوس ٿيڻ جي ضرورت ناهي، وطن لاءِ قربانيون ڏيڻ وارا ڪافي آهن. اسان اڃا به متحد آهيون ۽ هي تقريب ۾ هر قوميت جي نمائندگي آهي. جڏهن ملڪ جي ڳالهه اچي ٿي ته اسين سڀ هڪ ٿيندا آهيون. ناڪاري سوچ پکيڙڻ وارن کي شڪست ڏني آهي ۽ پاڪستان ۽ پاڪستانين جو مستقبل بهتر آهي، جيڪو هميشه قائم رهندو. ان موقعي تي سنڌ جي بلديات واري وزير سعيد غني چيو ته جڏهن اسين پوري اداري تي تنقيد ڪريون ٿا ته ان جي پس منظر ۾ اسين دهشتگردن جي مدد ڪندا آهيون. موجوده حالتن ۾ جڏهن ڪجھ ماڻهو اسان جي فوج ۽ ادارن خلاف مخالف سوچ رکن ٿا، اسان کي يوم دفاع وڌيڪ بهتر طريقي سان ملهائڻ گهرجي ته جيئن ان سوچ جو خاتمو ٿي سگهي. ان کان پهرين تقريب جي افتتاحي خطاب ۾ سنڌ جي سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ چيو ته سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايت تي 9 مئي تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ اسان هتي شهيدن جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. ان موقعي تي مشهور ڳائڻي حميرا چنا قومي گيت ڳائي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.